چاڊ ۾ هارين ۽ ڌنارن وچ ۾ چڪرين ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا

يانڊي- 07 جون(اي پي پي) آفريقي  ملڪ چاڊ ۾ هارين ۽ ڌنارن وچ ۾ چڪرين ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا مقامي ميڊيا رپورٽن جي  حوالي سان ٻڌايو ته اهي چڪريون صوبي مايو ڪيبي جي علائي ڪم جي ڪيترن ڳوٺن ۾ ان وقت شروع ٿييون، جڏهن چوپائي مال زرعي ايراضي کي نقصان پهچايو. رپورٽن مطابق واقعي ۾ 5 ڄڻا زخمي به ٿيا، جڏهن ته ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ گهرن کي …

يانڊي- 07 جون(اي پي پي) آفريقي  ملڪ چاڊ ۾ هارين ۽ ڌنارن وچ ۾ چڪرين ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا مقامي ميڊيا رپورٽن جي  حوالي سان ٻڌايو ته اهي چڪريون صوبي مايو ڪيبي جي علائي ڪم جي ڪيترن ڳوٺن ۾ ان وقت شروع ٿييون، جڏهن چوپائي مال زرعي ايراضي کي نقصان پهچايو. رپورٽن مطابق واقعي ۾ 5 ڄڻا زخمي به ٿيا، جڏهن ته ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي. چاڊ ۾ زمين جي استعمال ۽ چرواهن جي تڪرار سبب هارين ۽ ڌنارن وچ ۾ چڪريون معمول جو حصو رهيون آهن. ملڪ جي عوامي سلامتي ۽ اميگريشن وزارت جي تازي انگن اکرن مطابق 2024ع ۽ 2025ع دوران بين القبائلي ۽ بين الجماعتي تڪرار جي مختلف واقعن ۾ 3018 ڄڻا فوت، جڏهن 3015 زخمي ٿيا هئا. 

مزید خبریں