مصر آمريڪا کان پنهنجي قديم تهذيب جا چار ناياب نوادرات واپس حاصل ڪري ورتا

قاهره- 06 جون(اي پي پي) مصر، آمريڪا کان پنهنجي قديم تهذيب جا چار ناياب نوادرات واپس حاصل ڪري ورتا آهن، جيڪي مختلف تاريخي دورن سان تعلق رکن ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق مصري پرڏيهي وزارت مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي نوادرات غيرقانوني طور تي اسمگل ڪيا ويا هئا ۽ انهن جي واپسي ملڪ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ قومي سڃاڻپ جي تحفظ جي جاري ڪوششن جو حصو …

قاهره- 06 جون(اي پي پي) مصر، آمريڪا کان پنهنجي قديم تهذيب جا چار ناياب نوادرات واپس حاصل ڪري ورتا آهن، جيڪي مختلف تاريخي دورن سان تعلق رکن ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق مصري پرڏيهي وزارت مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي نوادرات غيرقانوني طور تي اسمگل ڪيا ويا هئا ۽ انهن جي واپسي ملڪ جي ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ قومي سڃاڻپ جي تحفظ جي جاري ڪوششن جو حصو آهي. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واپس حاصل ٿيل شين  ۾ سڀني کان نمايان هڪ گرينائٽ مان ٺهيل مجسمي جي مٿي جي شڪل آهي، جنهن، شاهي تاج پائي رکيو آهي. اهو نوادرات قديم مصري تهذيب جي 18 هين خاندان ۽ نئين سلطنتي دور سان تعلق رکن ٿا. 

مزید خبریں