ڏکڻ ڪوريا ۽ ڪينيڊا جي بحري فوج جون گڏيل مشقون

سيئول- 06 جون(اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۽ ڪينيڊا جي بحري فوج هلندڙ هفتي ڪينيڊا جي اولهندي سامونڊي پٽي ويجهو گڏيل فوجي مشقون ڪيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڏکڻ ڪوريا جي فوج ٻڌايو ته انهن مشقن ۾ اٽڪل 3 هزار ٽن وزني آبدوزدو سان آن چان هو ۽ 3 هزار هڪ سئو ٽن وزني فريگيٽڊيجيون سان گڏ بحري هيليڪاپٽرن، حصو ورتو. ڪينيڊا طرفان آبدوز ڪورنر بروڪ، فريگيٽ اوٽاوا ۽ سي ايچ 148 …

سيئول- 06 جون(اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۽ ڪينيڊا جي بحري فوج هلندڙ هفتي ڪينيڊا جي اولهندي سامونڊي پٽي ويجهو گڏيل فوجي مشقون ڪيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڏکڻ ڪوريا جي فوج ٻڌايو ته انهن مشقن ۾ اٽڪل 3 هزار ٽن وزني آبدوزدو سان آن چان هو ۽ 3 هزار هڪ سئو ٽن وزني فريگيٽڊيجيون سان گڏ بحري هيليڪاپٽرن، حصو ورتو. ڪينيڊا طرفان آبدوز ڪورنر بروڪ، فريگيٽ اوٽاوا ۽ سي ايچ 148 بحري هيليڪاپٽرن به انهن مشقن ۾ شرڪت ڪئي. ڏکڻ ڪوريا جي بحريه مطابق ٻنهي ملڪن انهن مشقن ذريعي پنهنجي گڏيل آپريشن صلاحيتن کي مضبوط بڻايو جنهن ۾ بحري جهازن تي حملي جي مشق ۽آبدوز ٽوڙ جنگي تربيت شامل هئي. 

مزید خبریں