جنيوا -06 جون (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري ۽ آفريقا جي بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ واري مرڪز جمهوريه ڪانگو ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن ۾ ايبولا جي ڳڻتي جوڳي پکيڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ 518 ملين ڊالرن جي گڏيل منصوبي جي شروعات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب صحت واري عالمي اداري ۽ آفريقي يونين جي صحت عامه واري اداري ٻڌايو ته اهو حڪمت عملي تي ٻڌل منصوبو جون کان نومبر …
صحت واري عالمي اداري ۽ آفريقي مرڪز پاران ايبولا جي پکيڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ 518 ملين ڊالرن جي گڏيل منصوبي جي شروعات

مزید خبریں
جنيوا -06 جون (اي پي پي) صحت واري عالمي اداري ۽ آفريقا جي بيمارين کي ڪنٽرول ڪرڻ واري مرڪز جمهوريه ڪانگو ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن ۾ ايبولا جي ڳڻتي جوڳي پکيڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ 518 ملين ڊالرن جي گڏيل منصوبي جي شروعات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب صحت واري عالمي اداري ۽ آفريقي يونين جي صحت عامه واري اداري ٻڌايو ته اهو حڪمت عملي تي ٻڌل منصوبو جون کان نومبر تائين جاري رهندو. صحت واري عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ازهانوم گيبرياسس پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ان منصوبي جو مرڪز ڇهه اهم شعبا آهن جن م هنگامي رابطاڪاري، نگراني، ليباريٽري ٽيسٽنگ، انفيڪشن جي روڪٿام ۽ ڪنٽرول، طبي سار سنڀال ۽ ڪميونٽي سطح تي آگاهي شامل آهن. هن چيو ته اهو عملي منصوبو فوري ۽ گڏيل قدمن جي وضاحت ڪري ٿو جن جو مقصد وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ وائرس جي وڌيڪ ڦهلاءَ جي خطري کي گهٽ ڪرڻ آهي.











