بيروت-05 جون(اي پي پي) لبنان تي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ 8 ماڻهن جي شهادت کان پوءِ حزب الله اسرائيل سان ڳالهين کي ضرورت کان سواءِ ، ذلت آميز ۽ شرمناڪ قرار ڏيندي جنگ بندي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب حزب الله اڳواڻ نعيم قاسم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل سان جنگ بندي کي رد ڪيون ٿا، لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ ڪو به معاهدو …
لبنان ۾ اسرائيلي حملن کان پوءِ حزب الله جنگ بندي رد ڪري ڇڏي

مزید خبریں
بيروت-05 جون(اي پي پي) لبنان تي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ 8 ماڻهن جي شهادت کان پوءِ حزب الله اسرائيل سان ڳالهين کي ضرورت کان سواءِ ، ذلت آميز ۽ شرمناڪ قرار ڏيندي جنگ بندي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب حزب الله اڳواڻ نعيم قاسم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل سان جنگ بندي کي رد ڪيون ٿا، لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ ڪو به معاهدو هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ شڪست مڃڻ سمجهيو ويندو. واضع رهي ته لبنان ۾ اسرائيلي هوائي حملن ۾ 8 ماڻهو شهيد ۽ 8 زخمي ٿيا آهن.










