واشنگٽن-05 جون(اي پي پي)خلائي تحقيقاتي آمريڪي اداري ناسا چنڊ تي مستقل انساني رهائش جي منصوبي مون بيس جو روڊ ميپ پيش ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ناسا مون بيس منصوبي لاءِ هڪ خاص ويب سائٽ متعارف ڪرائي آهي جنهن ۾ چنڊ جي ڏکڻ قطب ويجهو مستقبل ۾ قائم ٿيندڙ قمري مرڪز جا تفصيل ۽ ترقي جا مرحلا بيان ڪيا ويا آهن. ناسا موجب مون بيس آرٽيمس پروگرام جو هڪ اهم …
ناسا چنڊ تي مستقل انساني رهائشي منصوبي جو روڊ ميپ پيش ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
واشنگٽن-05 جون(اي پي پي)خلائي تحقيقاتي آمريڪي اداري ناسا چنڊ تي مستقل انساني رهائش جي منصوبي مون بيس جو روڊ ميپ پيش ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ناسا مون بيس منصوبي لاءِ هڪ خاص ويب سائٽ متعارف ڪرائي آهي جنهن ۾ چنڊ جي ڏکڻ قطب ويجهو مستقبل ۾ قائم ٿيندڙ قمري مرڪز جا تفصيل ۽ ترقي جا مرحلا بيان ڪيا ويا آهن. ناسا موجب مون بيس آرٽيمس پروگرام جو هڪ اهم حصو آهي، جنهن جو مقصد چنڊ تي انسانن جو پهريون مستقل بيس قائم ڪرڻ، سائنسي تحقيق کي هٿي وٺائڻ ۽ مستقبل ۾ مريخ تائين انساني مشنز لاءِ ضروري ٽيڪنالوجي ۽ تجربا حاصل ڪرڻ آهن.ناسا جو چوڻ آهي ته قمري مرڪز چنڊ جي ڏکڻ قطب ويجهو قائم ڪيو ويندو جتي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ دير تائين سج جي روشني دستياب رهندي آهي ۽ پاڻي ۽ برف جا ذخيرا موجود هجڻ جو امڪان آهي. منصوبي تي مرحلي وار ڪم ڪيو ويندو. پهريون مرحلو 2029 تائين جاري رهندو.ان مرحلي ۾ آٽو ميٽڪ ۽ انساني نگراني ۾ ڪم ڪندڙ روورز، مون فال نالي ڊرونز، مواصلاتي ۽ مشاهداتي سيٽلائٽ ۽ قمري رات جي سخت ماحول ۾ ڪم ڪرڻ واري ٽيڪنالوجي جا تجربا ڪيا ويندا.2032 کان پوءِ شروع ٿيندڙ مرحلي ۾ چنڊ تي مستقل انساني موجودگي جي هدف کي عملي شڪل ڏني ويندي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن چنڊ تي مستقل انساني موجودگي قائم ڪرڻ ۾ مدد ملي ته مستقبل ۾ مريخ ۽ نظام شمسي جي ٻين حصن تائين انساني رسائي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي.










