پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ جاري آمريڪا ايران ڳالهين جي ڪوششن جي حمايت ڪيون ٿا، ايران خلاف جاري جارحيت جي نتيجن جو ذميوارآمريڪا هوندو:روس

سينٽ پيٽرزبرگ-05 جون(اي پي پي)روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته انهن جو ملڪ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ جاري آمريڪا ايران ڳالهين جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو جڏهن ته ايران خلاف جاري جارحيت جي نتيجن جو ذميورا آمريڪا هوندو. روس جي پرڏيهي وزير  چيو ته اهو تمام گهڻو ضروري آهي ته اهي ڳالهيون جاري رهن،جڏهن ته  جيڪو معاهدو طئه ٿيندو ان ۾ …

سينٽ پيٽرزبرگ-05 جون(اي پي پي)روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته انهن جو ملڪ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ جاري آمريڪا ايران ڳالهين جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو جڏهن ته ايران خلاف جاري جارحيت جي نتيجن جو ذميورا آمريڪا هوندو. روس جي پرڏيهي وزير  چيو ته اهو تمام گهڻو ضروري آهي ته اهي ڳالهيون جاري رهن،جڏهن ته  جيڪو معاهدو طئه ٿيندو ان ۾ ايران ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن جي مفادن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي.هن چيو ته اسان عرب ملڪن ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين کي هٿي وٺائڻ کي ضروري سمجهون ٿا ۽ اسان انهن ۾ پنهنجو حصو وجهڻ لاءِ تيار آهيون. روس جي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ايراني نار لاءِ سيڪيورٽي جو تصور موجود آهي، اسان تازو ئي ان کي اپ ڊيٽ ڪيو آهي ۽ ان کي نار سهڪار ڪونسل جي ڇهن ملڪن ۽ تهران کي موڪليو آهي. اسان ڳالهين جي حوصلا افزائي ڪنداسين. هن چيو ته ڪنهن به تڪرار جي حل لاءِ فوجي طاقت جي استعمال کي مڪمل طور تي رد ڪرڻ ضروري آهي.

مزید خبریں