اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 22 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 90 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 48 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 48 هزار 800 …
واپڊا پاران درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري
اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 22 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 90 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 48 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 48 هزار 800 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 44 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 44 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 43 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 34 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 25 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار 300 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1450.17 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.017 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1169.30 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.541 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 644.30 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.121 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.












