اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان برقرار

اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن به ٻاڙائي جو رجحان برقرار رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 831.13 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 170190.64 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 563 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. 183 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 267 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 113 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪاروباري …

اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن به ٻاڙائي جو رجحان برقرار رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 831.13 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 170190.64 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 563 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. 183 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 267 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 113 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 551.94 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جن جي ماليت 23.75 ارب روپيه هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 241.33 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 508993.03 پوائنٽس ۽ ڪي ايم 30 انڊيڪس 1159.92 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 243623.07 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 4.78 ارب روپين جا سودا ٿيا، ٽريٽ بيٽري لميٽڊ جي 46642698 شيئرز، ديوان سيمينٽ لميٽڊ 33760377 شيئرز ۽ ستاره پئٽروليم لميٽڊ جي 25238548 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي.

مزید خبریں