اسلام آباد - 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چين جي دوري دوران طئي ٿيندڙ اهم فيصلن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد جي لاءِ فوري ۽ موثر قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب عوامي جمهوريه …
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ
اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چين جي دوري دوران طئي ٿيندڙ اهم فيصلن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد جي لاءِ فوري ۽ موثر قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر سيد توقير شاهه، خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ موجود هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي چين جي تازي دوري دوران چيني قيادت سان ٿيندڙ انتهائي ڪارائتي، بامقصد ۽ لاڀائتين ملاقاتن جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پنهنجي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين جي دوري دوران طئي ٿيندڙ اهم فيصلن ۽ مفاهمتن تي عملدرآمد جي لاءِ فوري ۽ موثر قدم کنيا وڃن. هن خاص طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي (سي پيڪ 2.0) تحت زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صنعتي ترقي، خصوصي اقتصادي زونز ۽ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته سندس چين جي دوري جي موقعي تي هانگزو ۾ منعقد بزنس ٽو بزنس سيڙپڪاري ڪانفرنس دوران پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مختلف مفاهمتي يادداشتن تي وقت سر ۽ موثر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جا ثمر جلد کان جلد حاصل ڪري سگهجن. هن چين جي دوري کي هر لحاظ کان ڪامياب بڻائڻ ۾ چيني سفير جي اڻٿڪ خدمتن ۽ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هاڻي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل ادارن ۽ عملدارن تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ٻنهي قيادتن جي طئي ڪيل فيصلن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏين. ملاقات دوران قراقرم هاءِ وي الائنمنٽ منصوبي تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ، سيڪيورٽي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ دفاعي تعاون جي فروغ جڏهن ته پاڪستان جي لاءِ اقتصادي ۽ مالي مدد سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ اهم عالمي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. چيني سفير جيانگ زائيڊونگ وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا ۽ کيس عيدالاضحى جي مبارڪباد ڏني. هن وزيراعظم کي تازي ڪامياب چين جي دوري تي پڻ مبارڪباد ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته چين پاڪستان سان پنهنجي فولادي ۽ لازوال ڀائراڻي دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي.












