ٿرڪول ريل منصوبي سميت ريلوي جا سمُورا وڏا منصوبا جلد مُڪمل ڪيا وڃن، عالمي معيار جي فريٽ سروس سان صنعتي شين جي پهچ ۾ آساني سان گڏوگڏ ريلوي جي سالياني آمدني ۾ نمايان اضافو ممڪن آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ريلوي جي ڊگهي مدي ۽ پائيدار ترقي لاءِ فريٽ سروس ۾ سيڙپڪاري ۽ ميگا منصوبن کي بروقت مڪمل ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٿرڪول ريل منصوبي سميت سمُورا وڏا منصوبا جلد مُڪمل ڪيا وڃن، عالمي معيار جي فريٽ سروس سان صنعتي شين جي پهچ ۾ آساني سان گڏوگڏ ريلوي جي سالياني آمدني …

اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ريلوي جي ڊگهي مدي ۽ پائيدار ترقي لاءِ فريٽ سروس ۾ سيڙپڪاري ۽ ميگا منصوبن کي بروقت مڪمل ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٿرڪول ريل منصوبي سميت سمُورا وڏا منصوبا جلد مُڪمل ڪيا وڃن، عالمي معيار جي فريٽ سروس سان صنعتي شين جي پهچ ۾ آساني سان گڏوگڏ ريلوي جي سالياني آمدني ۾ نمايان اضافو ممڪن آهي. هو پنهنجي صدارت ۾ پاڪستان ريلوي ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ريلوي مسافرن جي سهولت ۽ ريلوي اسٽيشنن جي بهتري لاءِ تعريف لائق ڪم ڪيو آهي. هن هدايت ڪئي ته ريلوي جي ڊگهي مدت ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ فريٽ سروس ۾ سيڙپڪاري ۽ ميگا منصوبن جي بروقت تڪميل ريلوي جي ترجيح هجڻ گهرجي. عالمي معيار جي فريٽ سروس سان صنعتي شين جي پُهچ ۾ آساني سان گڏوگڏ ريلوي جي سالياني آمدني ۾ نمايان اضافو پُڻ ممڪن آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ريلوي جي جاري ميگا منصوبن ۾ مالي ۽ ادارتي انتظامن جي اڳواٽ منظوري کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن منصوبن جي تڪميل ۾ غير ضروري رنڊڪ ۽ دير کان بچي سگهجي. هن پاڪستان ريلوي جي ميگا منصوبن، خاص طور تي ايم ايل-1، ايم ايل-3 ۽ ٿر ڪول ريل منصوبي کي جلد مُڪمل ڪرڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏيل تعاون سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ميگا منصوبن جي معياري ۽ بروقت مڪمل ٿيڻ سان تعميراتي لاڳت گهٽ ٿي سگهي ٿي ۽ قيمتي سرمايو بچي سگهي ٿو. هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ ريلوي جي ميگا منصوبن لاءِ بجيٽ جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته سڀني جاري منصوبن ۾ عالمي معيار، انتظامي شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اجلاس ۾ ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ۽ سيڪريٽري ريلوي پاران قدمن ۽ منصوبن تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته فريٽ سروس ۾ سڌارن جي قدمن جي ڪري، هن سال جون تائين 40 ارب تائين جي تاريخي آمدني متوقع آهي. اجلاس ۾ ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، اقتصادي معاملن جي وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي ۽ ترقي جي وفاقي وزير احسن اقبال، صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر ۽ لاڳاپيل ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں