اسلام آباد - 02 جون (اي پي پي) پاڪستان، مصر، ترڪيه، انڊونيشيا، اردن، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن اسرائيلي فوج جي نگراني ۾ انتهاپسند اسرائيلي آبادڪارن پاران مسجد اقصى/ الحرم الشريف ۾ مسلسل دراندازي ۽ ان جي اڱڻ ۾ اسرائيلي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب 8 عرب ۽ اسلامي ملڪن پنهنجي گڏيل پڌرنامي ۾ …
پاڪستان، مصر، ترڪيه سميت مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن پاران مسجد اقصى ۾ اسرائيلي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مذمت
اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) پاڪستان، مصر، ترڪيه، انڊونيشيا، اردن، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن اسرائيلي فوج جي نگراني ۾ انتهاپسند اسرائيلي آبادڪارن پاران مسجد اقصى/ الحرم الشريف ۾ مسلسل دراندازي ۽ ان جي اڱڻ ۾ اسرائيلي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب 8 عرب ۽ اسلامي ملڪن پنهنجي گڏيل پڌرنامي ۾ زور ڏنو آهي ته اهي اشتعال انگيز ۽ ناقابل قبول قدم عالمي قانون، گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ والاريل اوڀر يروشلم جي مقدس جاين جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت جي کليل خلاف ورزي آهن. پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه جي پڻ مذمت ڪئي ته اسرائيل بطور قابض قوت، والاريل اوڀر يروشلم جي تاريخي، قانوني ۽ آبادياتي حيثيت کي تبديل ڪرڻ ۽ اتي موجود اسلامي ۽ مسيحي مقدس جاين جي تقدس ۽ مقام کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ مسلسل ۽ منظم قدم کڻي رهيو آهي. هنن يروشلم ۽ ان جي اسلامي ۽ مسيحي مقدس جاين جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جي ڪوشش کي واضح انداز ۾ رد ڪندي ان جي تحفظ تي زور ڏنو ۽ ان ڏس ۾ هاشمي سرپرستي جي خصوصي تاريخي ڪردار کي تسليم. پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته مسجد اقصى/ الحرم الشريف جو مڪمل 144 دونم تي ٻڌل علائقو رڳو مسلمانن جي عبادتگاهه آهي ۽ اهو ته اردن جي اوقاف ۽ اسلامي معاملن واري وزارت سان واڳيل “يروشلم اوقاف ۽ مسجد اقصى معاملن وارو کاتو” ئي اهو قانوني ادارو آهي جنهن کي مسجد اقصى/ الحرم الشريف جا انتظامي معاملا هلائڻ ۽ اتي داخلا کي منظم ڪرڻ جو مڪمل اختيار حاصل آهي. پرڏيهي وزيرن اسرائيلي عملدارن کي انهن اشتعال انگيز قدمن کي روڪڻ جو ذميوار قرار ڏيندي خبردار ڪيو ته اسرائيل جي بار بار ڪئي ويندڙ خلاف ورزيون ڇڪتاڻ ۾ اضافي، عدم استحڪام ۽ انتهاپسندي کي فروغ ڏين ٿيون، امن قائم ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن کي نقصان پهچائين ٿيون ۽ عالمي قانون تحت اسرائيل جي ذميوارين جي واضح خلاف ورزي آهن. هنن مطالبو ڪيو ته اسرائيل فوري طور تي انهن سمورن غيرقانوني ۽ اشتعال انگيز قدمن کي بند ڪري ۽ مسجد اقصى/ الحرم الشريف جي مڪمل تاريخي ۽ قانوني حيثيت جو احترام يقيني بڻايو وڃي. پرڏيهي وزيرن فلسطيني عوام سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ انهن جي جائز ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي قومي حقن، خاص طور تي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع جي سرحدن موجب هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ، جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي، جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هنن اسرائيلي قبضي جي خاتمي ۽ عالمي قانون، گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عرب امن قدمن موجب ٻه رياستي حل جي بنياد تي منصفاڻي، پائيدار ۽ جامع امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.












