ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا، ڏکڻ پنجاب، اتر اوڀر بلوچستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن/ آنڌاڻي هلڻ ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي مطابق عربي سمنڊ کان گهميل هوائون ملڪ جي ڏکڻ علائقن ۾ …

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا، ڏکڻ پنجاب، اتر اوڀر بلوچستان ۽ ڪشمير ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن/ آنڌاڻي هلڻ ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي مطابق عربي سمنڊ کان گهميل هوائون ملڪ جي ڏکڻ علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته مٿين فضا ۾ موجود هوا جي وڌيڪ دٻاءَ سبب ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اولهه وارين هوائن جو سلسلو اڄ ملڪي جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو 5 جون تائين برقرار رهي سگهي ٿو. اڄ (اربع ڏينهن) خيبر پختونخوا، ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ شام/ رات ۾ تيز هوائن/ آنڌاڻي هلڻ ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ شديد گرم رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ شديد گرم رهي. جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد نوڪنڊي، سبي ۾ 48، دالبندين ۾ 47 ۽ دادو ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں