اسلام آباد - 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي جي خلاف هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن …
وزيراعظم شهباز شريف پاران بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي جي خلاف هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ بهادري کي ساراهيو. هن ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الهندستان جي 17 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏيندي چيو ته قوم پنهنجي بهادر فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين ۽ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪاميابيون پوري قوم جي عزم ۽ اتحاد جي عڪاس آهن. هن چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي هر قيمت تي ناڪام بڻايو ويندو. وزيراعظم واضح ڪيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردي جي خاتمي جون ڪارروايون جاري رهنديون، دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي لاءِ حڪومت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو.












