راولپنڊي- 02 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪيترن ئي آپريشنز دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 17 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق 24 مئي 2026ع تي پيش آيل ريل واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعن مستونگ، نوشڪي، زهري، خضدار ۽ ڪيچ …
سيڪيورٽي فورسز جا بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪيترائي آپريشن، ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 17 دهشتگرد مارجي ويا
راولپنڊي- 02 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪيترن ئي آپريشنز دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 17 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق 24 مئي 2026ع تي پيش آيل ريل واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعن مستونگ، نوشڪي، زهري، خضدار ۽ ڪيچ ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪيترائي آپريشن ڪيا. انهن آپريشنز دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو. شديد ۽ ڀرپور فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 17 دهشتگرد مارجي ويا، جنهن سان علائقن ۾ سرگرم دهشتگرد نيٽ ورڪس کي وڏو نقصان پهتو آهي. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، بارود، وڏي مقدار ۾ ڌماڪي دار مواد ۽ تيار ٿيل ديسي بم به هٿ ڪيا ويا آهن. اهي دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ سرگرم طور تي ملوث هئا. علائقن کي دهشتگردن کان مڪمل طور تي پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس ۽ سرچ آپريشن جاري آهن. قومي ايڪشن پلان جي وفاقي ايپڪس ڪميٽي مان منظور ٿيل ويزن ”عزم استحڪام“ تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان دهشتگردي جي خاتمي واري مهم پوري رفتار سان جاري رهندي ته جئين ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ حمايت يافته دهشتگردي جي ناسور جو مڪمل خاتمو ڪري سگهجي.












