اسلام آباد - 02 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ سفارتي پاسپورٽس تي ويزا ختم ڪرڻ جو معاهدو ٿيو آهي. اٽلي ۾ پاڪستان جي سفير علي جاويد ۽ اٽلي جي پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري جنرل ريڪارڊو گواريگيا تازو ئي سفارتي پاسپورٽس تي ويزا جي شرط ختم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اها باوقار صحيحن واري تقريب هتي اٽلي جي …
پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ سفارتي پاسپورٽس تي ويزا ختم ڪرڻ جو معاهدو ٿيو آهي: پرڏيهي آفيس
اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ سفارتي پاسپورٽس تي ويزا ختم ڪرڻ جو معاهدو ٿيو آهي. اٽلي ۾ پاڪستان جي سفير علي جاويد ۽ اٽلي جي پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري جنرل ريڪارڊو گواريگيا تازو ئي سفارتي پاسپورٽس تي ويزا جي شرط ختم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اها باوقار صحيحن واري تقريب هتي اٽلي جي پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿي. تقريب کان اڳ ٻنهي معزز شخصيتن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات پڻ ٿي. ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون جي سگهه، رفتار ۽ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي روايتي دوستاڻي ۽ تعميري لاڳاپن، گڏيل قومن ۽ يورپي يونين سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جي مختلف رخن جو جائزو ورتو. ٻنهي طرفن کان ان معاهدي کي گڏيل اعتماد ۽ دوستي جو مظهر قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود وسيع ٻطرفي تعاون ۽ مٽاسٽا جي نظام ۾ هڪ اهم اضافو آهي. ان معاهدي سان سفارتي وفدن جي مٽاسٽا ۾ آساني ٿيندي ۽ ٻطرفا رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هن وقت ڪيترن ئي معاهدن تي پڻ غور جاري آهي جڏهن ته يونيورسٽين ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي وچ ۾ 21 مفاهمتي يادداشتون (ايم او يوز) موجود آهن ۽ ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ سياحت، ثقافت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، راندين، اعلى دفاعي تعليم ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي خلاف تعاون سميت مختلف شعبن ۾ 15 معاهدا طئي ٿي چڪا آهن. دفاعي تعاون جو معاهدو 2009ع ۾ پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ “اسٽريٽجڪ انگيجمنٽ پلان” 2013ع ۾ جڏهن ته “گڏيل اقتصادي ڪميشن” 2005ع ۾ قائم ڪيو ويو. سيڙپڪاري جي تحفظ جو معاهدو 1997ع ۾، ٻٽي شهريت جو معاهدو 1983ع ۾ ۽ ڏوهارين جي حوالگي جو معاهدو 1972ع ۾ طئي ٿيو هو. ان کان اڳ 7 مئي 2025ع تي پاڪستان ۽ اٽلي اسلام آباد ۾ “ليبر موبيليٽي اينڊ مائيگريشن” جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون هيون جيڪو ڪنهن به يورپي ملڪ سان پاڪستان جو پهريون ليبر معاهدو آهي. ان تحت پاڪستاني افرادي قوت کي اٽلي ۾ پاڪستانين جي لاءِ مختص 10500 نوڪرين جي ڪوٽا تائين پهچ حاصل ٿيندي. پاڪستاني سفير سيڪريٽري جنرل کي پرڏيهي آفيس جي سيڪريٽري پاران ستين دور جي ٻطرفي سياسي مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني. هن 2026ع جي آخري ٽه ماهي ۾ ان اجلاس جي انعقاد جي تياري ۽ اسلام آباد ۾ اٽلي جي نئين تعمير ٿيندڙ سفارتخاني جيڪو ٻاهرئين ملڪ اٽلي جو سڀ کان وڏو سفارتي مشن هوندو، جي افتتاح ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو جيڪو پاڪستان سان لاڳاپن جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو.












