نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 02 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ خطي ۽ دنيا ۾ جاري بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪويتي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح پاڪستان جي مسلسل مصالحتي ڪردار ۽ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ …

اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ خطي ۽ دنيا ۾ جاري بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪويتي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح پاڪستان جي مسلسل مصالحتي ڪردار ۽ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي واکاڻ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سفارتڪاري ۽ مسلسل ڳالهه ٻولهه کي خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جو بهترين رستو سمجهي ٿو ۽ ان جي حمايت جاري رکندو. ٻنهي اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته جاري سفارتي ڪوششون جلد مثبت نتيجا ڏينديون ۽ خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. ٻنهي طرفن پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جي پڻ توثيق ڪئي ۽ اڳتي به ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.






مزید خبریں