اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ مسلسل سيڙپڪاري ۽ موثر قدم اڻٽر آهن. اڱاري ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان مطابق راڻا مشهود سان جنريشن ان لميٽڊ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ڪيون فري ۽ پاڪستان ۾ يونيسيف جي ڪنٽري نمائنده پرنيل آئرن سائيڊ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي …
نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ مسلسل سيڙپڪاري ۽ موثر قدم اڻٽر آهن: راڻا مشهود
اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ مسلسل سيڙپڪاري ۽ موثر قدم اڻٽر آهن. اڱاري ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان مطابق راڻا مشهود سان جنريشن ان لميٽڊ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ڪيون فري ۽ پاڪستان ۾ يونيسيف جي ڪنٽري نمائنده پرنيل آئرن سائيڊ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ يونيسيف جا سينئر نمائندا به موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ نوجوانن جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ گڏيل سهڪار کي مضبوط بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ نوجوانن لاءِ ڊجيٽل شموليت، هنرمندي ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ بابت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات جو هڪ اهم پهلو ڊجيٽل يوٿ هب جي نمايان ڪاميابي رهيو، جنهن جي رجسٽرڊ صارفين جو انگ هاڻي 8 لک کان وڌي ويو آهي. اهو نوجوانن جي ڀرپور دلچسپي ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز ذريعي سکڻ ۽ موقعا حاصل ڪرڻ جي وڌندڙ رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو. هن وفد کي وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت جاري اهم پاليسي قدمن، جن ۾ نيشنل يوٿ امپلائيمينٽ پاليسي ۽ نيشنل ايڊوليسنٽ اينڊ يوٿ پاليسي بابت به آگاهه ڪيو ويو جن جو مقصد نوجوانن لاءِ سازگار ماحول ۽ بهتر موقعا فراهم ڪرڻ آهي. ان موقعي تي ڪيون فري ڊجيٽل يوٿ هب جي اڳڀرائي کي ساراهيندي چيو ته ان پليٽ فارم جي تيزي سان وڌندڙ پهچ پاڪستان جي نوجوانن جي صلاحيتن، امنگن ۽ فعال شرڪت جو مظهر آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نوجوانن کي انٽرپرينيورشپ، ڊجيٽل ۽ مستقبل جي تقاضائن سان هم آهنگ مهارتن سان آراسته ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن ان لاءِ روزگار ۽ ترقي جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪري سگهجن. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڊجيٽل يوٿ هب نوجوانن کي تعليم، هنرمندي، روزگار، رهنمائي ۽ پيشيوراڻي ترقي جي موقعن سان ڳنڍيندڙ هڪ موثر ۽ جامع پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي. ملاقات جي پڄاڻي تي وزيراعظم يوٿ پروگرام، جنريشن ان لميٽڊ ۽ يونيسيف وچ ۾ نوجوانن کي با اختيار بڻائڻ، ڊجيٽل پهچ، هنرمندي جي فروغ ۽ پائيدار روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.












