وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت ۾ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جو اهم اجلاس

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت ۾ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ انڊونيشيا ۾ پاڪستان جي سفير زاهد چوڌري وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي ايم ڊي سي جي صدر ڊاڪٽر رضوان تاج ۽ رجسٽرار سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ انڊونيشيا جي ميڊيڪل شاگردن کي پاڪستان …

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي صدارت ۾ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ انڊونيشيا ۾ پاڪستان جي سفير زاهد چوڌري وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي ايم ڊي سي جي صدر ڊاڪٽر رضوان تاج ۽ رجسٽرار سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ انڊونيشيا جي ميڊيڪل شاگردن کي پاڪستان جي طبي تعليمي ادارن ۾ داخلا ڏيڻ بابت معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انڊونيشيا جي حڪومت درخواست ڪئي آهي ته ان جي انڊر گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل شاگردن کي پاڪستان جي معياري ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ تعليم جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته انهن شاگردن جا تعليمي ۽ رهائشي خرچ انڊونيشيا جي حڪومت برداشت ڪندي جڏهن ته انهن کي پاڪستان جي بهترين طبي تعليمي ادارن ۾ مڪمل شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي داخلا ڏني ويندي. هن ان قدم تحت اٽڪل 200 انڊونيشين ميڊيڪل ۽ ڊينٽل شاگردن کي عالمي معيار جي تعليمي ۽ تربيتي سهولتون فراهم ڪيون وينديون جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ طبي تعليم جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ملندي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستاني ڊاڪٽر سڄي دنيا ۾ پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ خدمتن ذريعي ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن ۽ اهي قدم پاڪستان جي طبي شعبي تي عالمي اعتماد جو مظهر آهن.

مزید خبریں