وفاقي ڪابينا دوائن تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته وفاقي ڪابينا سڄي ملڪ ۾ دوائن تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ڊرگ ليبلنگ اينڊ پيڪنگ رولز 1978ع ۾ ضروري ترميمن جي به منظوري ڏني وئي آهي. اڱاري ڏينهن جاري بيان مطابق صحت واري وفاقي وزير چيو ته اهو فيصلو پاڪستان ۾ …

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته وفاقي ڪابينا سڄي ملڪ ۾ دوائن تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ڊرگ ليبلنگ اينڊ پيڪنگ رولز 1978ع ۾ ضروري ترميمن جي به منظوري ڏني وئي آهي. اڱاري ڏينهن جاري بيان مطابق صحت واري وفاقي وزير چيو ته اهو فيصلو پاڪستان ۾ جعلي دوائن جي خاتمي طرف هڪ وڏو ۽ تاريخي قدم آهي. پهريون ڀيرو ملڪ ۾ هر دوا کي ڊجيٽل طريقي سان ٽريڪ ۽ ويريفاءِ ڪري سگهبو، جنهن سان جعلي، غير معياري ۽ نقلي دوائن جي نشاندهي ۽ انهن جي خاتمي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته نئون نظام لاڳو ٿيڻ کانپوءِ عام صارفين آساني سان دوا جي استعمال جي مدي، قيمت ۽ ٻين اهم معاملن جي تصديق ڪري سگهندا، جنهن سان عوام جو دوائن جي نظام تي اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيندو. هن ٻڌايو ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان ان جديد نظام کي سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪندي. نون قائدن تحت دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون ۽ آمدني واپار ڪندڙن لاءِ لازمي هوندو ته هو هر دورا جي پيڪ تي معياري ٽوڊي بار ڪوڊ ۽ سيريلائيزيشن ڊيٽا درج ڪن. هن چيو ته اهو قدم پاڪستان ۾ دوائن جي سپلائي چين کي محفوظ، شفاف ۽ معياري بڻائڻ لاءِ کنيو ويو آهي. وفاقي وزير مطابق ڊريپ طرفان صنعت کي سهولتون فراهم ڪرڻ لءِ جلد فني اڳواڻ اصول جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته لاڳاپيل ڌرين سان مشاورتي اجلاس به منعقد ڪيو ويندو ته جيئن نظام جي اثرائتي ۽ مرحلي وار لاڳو ٿيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي.

مزید خبریں