آسٽريليا ٽن اسرائيلي شهرين، 4 ادارن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

ڪينبرا- 02 جون (اي پي پي) آسٽريلوي حڪومت اولهه ڪناري ۾ فلسطينين خلاف يهودي آبادڪارن جي وڌندڙ تشدد تي ٽن اسرائيلي شهرين ۽ 4 ادارن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اولهه ڪناري ۾ فلسطينين خلاف اسرائيلي آبادڪارن جو تشدد اسرائيل جي سلامتي ۽ عالمي سطح تي سندس ساک کي نقصان پهچائي رهيو آهي. هن چيو ته پابندين کي منهن ڏيندڙ ماڻهن ۽ ادارن تي مالياتي پابنديون لاڳو …

ڪينبرا- 02 جون (اي پي پي) آسٽريلوي حڪومت اولهه ڪناري ۾ فلسطينين خلاف يهودي آبادڪارن جي وڌندڙ تشدد تي ٽن اسرائيلي شهرين ۽ 4 ادارن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اولهه ڪناري ۾ فلسطينين خلاف اسرائيلي آبادڪارن جو تشدد اسرائيل جي سلامتي ۽ عالمي سطح تي سندس ساک کي نقصان پهچائي رهيو آهي. هن چيو ته پابندين کي منهن ڏيندڙ ماڻهن ۽ ادارن تي مالياتي پابنديون لاڳو ٿينديون، جنهن تحت آسٽريلوي شهرين لاءِ کين رقم يا اثاثا فراهم ڪرڻ غير قانوني هوندو. ان کان علاوه انهن ماڻهن لاءِ آسٽريليا ۾ داخلا تي به پابندي هوندي. هن چيو ته پهريون ڀيرو پابندين جي فهرست ۾ اهڙيون چوڪيون به شامل ڪيو ويون آهن جتي يهودي آبادڪار فلسطينين تي تشدد ڪندا آهن. هن چيو ته يهودي آبادڪارن جو تشدد فلسطينين کي سندن علائقن مان بي دخل ڪرڻ ۽ آبادڪاري جي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان تشدد ۾ ملڪيتن جي تباهي، خاندانن جي بي دخلي، تشدد، جنسي تشدد ۽ تشدد وارو سلوڪ شامل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ شديد زخمي ٿيڻ ۽ فوت ٿيڻ جا واقعا پيش آيا آهن. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته آسٽريليا اهي پابنديون پنهنجي ڀائيوار ملڪن، خاص ڪري نيوزيلينڊ سان گڏجي لاڳو ڪيون آهن. هن چيو ته اهي قدم اسرائيل ۽ فلسطين ٻنهن جي امن، سلامتي ۽ مستقبل لاءِ آسٽريليا جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. واضع رهي ته مئي ۾ آسٽريلوي وزير اعظم انٿوني البانيز برطانيه، اٽلي، فرانس، جرمني، ڪينيڊا، ناروي، نيدرلينڊز ۽ نيوزيلينڊ جي اڳواڻن سان گڏجي اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي آبادڪارن جي وڌندڙ سرگرمين جي خاتمي جو مطالبو ڪيو هو.

مزید خبریں