سعودي عرب ۽ تُرڪيه پاران لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت

رياض/ انقره - 02 جون (اي پي پي) سعودي عرب ۽ تُرڪيه لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميديا موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير پنهنجي بيان ۾ ان کي لبناني سر زمين تي دراندازي ۽ لبنان جي خودمختياري جي خلاف ورزي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي، سعودي عرب عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ لبناني سرزمين تي اسرائيلي جارحيت …

رياض/ انقره – 02 جون (اي پي پي) سعودي عرب ۽ تُرڪيه لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميديا موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير پنهنجي بيان ۾ ان کي لبناني سر زمين تي دراندازي ۽ لبنان جي خودمختياري جي خلاف ورزي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي، سعودي عرب عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ لبناني سرزمين تي اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ لاءِ پنهنجون زميواريون پوريون ڪري. پرڏيهي وزارت لبنان جي خودمختياري جي تحفظ۽ ڄاڻايل عالمي معاهدي موجب ان جي عوام جي سلامتي کي يقيني بنائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. بيان ۾ طائف معاهدي جي پاسداري جي اهميت جو به ورجاءُ ڪيو ويو، جنهن موجب لبناني رياستي اٿارٽي کي ان جي سمورن علائقن ۾ وسعت ڏئي سگهجي. وزارت بيان ۾ هٿيارن کي نه رڳو رياست ۽ قانوني ادارن تائين محدود رکڻ بابت لبناني حڪومت جي فيصلن جي مڃڻ تي به زور ڏنو ته ملڪ ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي بحال ڪري سگهجي. ياد رهي ته سومر واري ڏينهن اسرائيلي دفاع واري وزير چيو هو ته فوج لبنان جي تاريخي قلعي تي قبضو ڪيو آهي، جيڪو لبنان جي وسيع علائقي تي نظر رکڻ جي اسٽريٽجڪ حيثيت رکي ٿو، جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو لبناني گادي واري هنڌ بيروت جي ڏکڻ علائقي تي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته ترڪيه پُڻ لبنان ۾ اسرائيلي قبضي ۾ واڌ جي سخت مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته اهو قدم علاقائي استحڪام کي خطرو آهي ۽ انساني بحران کي وڌيڪ گهرو ڪري سگهي ٿو. ترڪيه جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اسرائيل جي واڌ واريون ۽ جارحاڻيون پاليسيون امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيون آهن. اهي غزه ۾ ان جي ڪارروائين سان ملندڙ جلندڙ آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي حڪومت لبنان ۾ قبضو ڪيل علائقن کي غير آباد بڻائڻ ۽ لبناني عوام کي مستقل طور تي منتقل ٿيڻ تي مجبور ڪرڻ چاهي ٿي، ترڪيه عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۽ قبضي کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

مزید خبریں