اسلام آباد - 02 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اٽلي جي صدر سرجيو ميتاريلا ۽ اٽلي جي عوام کي جمهوري ڏينهن جي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايندڙ سالن ۾ پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ ترقي ڪندا. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان اٽلي سان پنهنجي ڊگهي عرصي کان قائم دوستاڻي لاڳاپن …
صدر آصف علي زرداري پاران اٽلي جي صدر ۽ اٽلي جي عوام کي جمهوري ڏينهن جُون مبارڪُون
اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اٽلي جي صدر سرجيو ميتاريلا ۽ اٽلي جي عوام کي جمهوري ڏينهن جي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايندڙ سالن ۾ پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ ترقي ڪندا. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان اٽلي سان پنهنجي ڊگهي عرصي کان قائم دوستاڻي لاڳاپن کي تمام گهڻو قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪي گڏيل اعتماد، تعاون ۽ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل عزم تي ٻڌل آهن. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته ايندڙ سالن ۾ اهي ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ هٿي وٺندا. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان پنهنجن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ عالمي تعاون، ڳالهين ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ يورپي يونين ۾ اٽلي جي لاڀائتي ڪردار جي تمام گهڻو ساراهي ٿو. هن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو.












