تائيوان ۾ فوجي تربيتي جهاز ڪري تباهه، ٻه پائلٽ مارجي ويا

تائيپي سٽي - 02 جون (اي پي پي) تائيوان ۾ هڪ فوجي تربيتي جهاز انجن جي خرابي سبب محفوظ لينڊنگ مشق دوران ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن سبب ٻئي پائلٽ مارجي ويا. تائيوان جي دفاع واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٽي-34 تربيتي جهاز اڱاري تي صبح 8 لڳي 8 منٽن تي ڏاکڻي ساحلي شهر ڪائوشيونگ ۾ واقع گانگشان ايئر بيس جي رن وي جي اترئين ڇيڙي جي …

تائيپي سٽي – 02 جون (اي پي پي) تائيوان ۾ هڪ فوجي تربيتي جهاز انجن جي خرابي سبب محفوظ لينڊنگ مشق دوران ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن سبب ٻئي پائلٽ مارجي ويا. تائيوان جي دفاع واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٽي-34 تربيتي جهاز اڱاري تي صبح 8 لڳي 8 منٽن تي ڏاکڻي ساحلي شهر ڪائوشيونگ ۾ واقع گانگشان ايئر بيس جي رن وي جي اترئين ڇيڙي جي ويجهو ڪري تباهه ٿيو. هوائي فوج حادثي جي سببن کي ڳولڻ لاءِ خصوصي جانچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. فوت ٿيل پائليٽس جي سڃاڻپ صرف انهن جي عهدن ۽ خانداني نالن سان ظاهر ڪئي وئي آهي. انهن ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل لو ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل گو شامل آهن.

مزید خبریں