نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي جو ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد - پهرين جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني پرڏيهي وزير خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جن ۾ اسرائيل پاران لبنان ۾ جنگبندي جي خلاف ورزين ۽ …

اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني پرڏيهي وزير خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جن ۾ اسرائيل پاران لبنان ۾ جنگبندي جي خلاف ورزين ۽ بيروت جي ڪجهه علائقن تي امڪاني حملن بابت اسرائيلي حڪومت جا حڪم شامل آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي علائقائي سفارتڪاري ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ پاڪستان کي درخواست ڪئي ته هو موجوده صورتحال ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ جنگبندي برقرار رکڻ جي ڪوششن ۾ سهولتڪاري جي لاءِ پنهنجي مثبت سفارتي رابطن جو استعمال جاري رکي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان پاران صورتحال تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان ڳالهه جي اهميت تي زور ڏنو ته جنگبندي کي برقرار رکيو وڃي ته جيئن موجوده مفاهمتن ۽ ٺاهن کي نقصان پهچڻ کان بچائي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل رابطو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں