اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته نوجوان وڪيلن کي عملي قانوني مهارتون، پيشيوراڻي قابليت ۽ مضبوط اخلاقي بنيادن سان سينگارڻ هڪ اثرائتو ۽ عوام دوست انصاف جي نظام جي جوڙجڪ لاءِ اڻٽر آهي، جڏهن ته ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل تعليمي پليٽ فارمز سڄي ملڪ ۾ قانوني تعليم ۽ تربيت تائين برابريءَ جي بنياد تي پهچ کي يقيني بنائڻ ۾ اهم …
جديد ٽيڪنالاجي سان قانوني تعليم تائين پهچ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي ٿو: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي
اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته نوجوان وڪيلن کي عملي قانوني مهارتون، پيشيوراڻي قابليت ۽ مضبوط اخلاقي بنيادن سان سينگارڻ هڪ اثرائتو ۽ عوام دوست انصاف جي نظام جي جوڙجڪ لاءِ اڻٽر آهي، جڏهن ته ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل تعليمي پليٽ فارمز سڄي ملڪ ۾ قانوني تعليم ۽ تربيت تائين برابريءَ جي بنياد تي پهچ کي يقيني بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ اِي ڪامرس فار لا پروفيشنلز 2026ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اها اِي ڪامرس وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي پاڪستان بار ڪائونسل جي ڊائريڪٽوريٽ آف ليگل ايجوڪيشن جي سهڪار سان تيار ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس چيو ته انهن قدمن جو مقصد قانوني تعليم ۽ عملي پيشيوراڻي تربيت وچ ۾ موجود خال کي ڀرڻ آهي ته جيئن خاص ڪري نَون وڪيلن کي پيشيوراڻي ميدان ۾ درپيش چئلينجز جو بهتر طور تي مُنهن ڏيڻ جي قابل بڻائي سگهجي. هن ان موقعي تي بار ڪائونسلن جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو ڪورس جي نصاب ۽ طريقيڪار بابت پنهنجون تجويزون باضابطه طور تي ڊائريڪٽوريٽ آف ليگل ايجوڪيشن کي اُماڻين ته جيئن انهن کي لاڳاپيل اداري جاتي فورمز تي غور لاءِ پيش ڪري سگهجي. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل حيات علي شاهه، پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين محمد مسعود چشتي، پنجاب بار ڪائونسل، سنڌ بار ڪائونسل، ڪي پي ڪي بار ڪائونسل، بلوچستان بار ڪائونسل ۽ اسلام آباد بار ڪائونسل جي عهديدارن سميت ٻين قانوني نمائندن شرڪت ڪئي. بريفنگ دوران ٻُڌايو ته اِي ڪورس 10 ماڊلن ۽ 40 ڪريڊٽ آورز تي ٻَڌل آهي ۽ ان کي مڪمل طور تي آن لائن ۽ خود رفتار (Self-Paced) انداز ۾ تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن سڄي ملڪ جا وڪيل ان کي ڪنهن به هنڌان ان مان لاڀ ماڻي سگهن. وڌيڪ ٻُڌايو ويو ته ان پروگرام کي بار ووڪيشنل ڪورس جي لازمي تربيت جي هڪ هفتي جي مساوي تسليم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بار ڪائونسلن جي نمائندن ان کي هڪ هاڪاري ۽ وقت جي ضرورت موجب قدم قرار ڏيندي ان کي موجوده ٻن هفتن جي بار ووڪيشنل ڪورس جو مڪمل متبادل بنائڻ جي تجويز به ڏني. تقريب جي پڄاڻيءَ تي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته بينچ ۽ بار جي گڏيل سهڪار سان قانوني تعليم، پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ عدالتي نظام جي بهتريءَ لاءِ وڌيڪ سڌارا جاري رکيا ويندا ته جيئن عوام کي اثرائتو ۽ وقت سر انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.












