وزيراعظم شهباز شريف سان يورپي ڪميشن جي نائب صدر ڪاجا ڪالس جي ملاقات، پاڪستان يورپي يونين سان گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي: شهباز شريف

اسلام آباد - پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ مضبوط واپاري لاڳاپن جي فروغ ۾ جي ايس پي پلس جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان يورپي يونين سان گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي واري اعلى نمائنده ۽ يورپي ڪميشن …

اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ مضبوط واپاري لاڳاپن جي فروغ ۾ جي ايس پي پلس جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان يورپي يونين سان گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي واري اعلى نمائنده ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر ڪاجا ڪالس وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، قانون، انصاف ۽ انساني حقن وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻيا اعلى عملدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم يورپي يونين جي اعلى نمائنده جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن سومر ڏينهن يورپي يونين – پاڪستان اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي اٺين دور جي انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، سلامتي، هجرت، پائيدار ترقي ۽ رابطن سميت اهم شعبن ۾ يورپي يونين سان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان ڏس ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ مضبوط واپاري لاڳاپن جي فروغ ۾ جي ايس پي پلس جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم نار ۾ امن جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي يورپي يونين پاران ڀرپور حمايت تي يورپي يونين جي قيادت جا ٿورا مڃيندي چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري بشمول يورپي يونين جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي خصوصي زور ڏنو. وزيراعظم ڏکڻ ايشيا جي علائقائي صورتحال ۽ افغانستان بابت پاڪستان جي موقف کان پڻ يورپي يونين جي اعلى نمائنده کي آگاهه ڪيو. هن يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا ۽ يورپي ڪميشن جي صدر ارسولا وان ڊير لاين جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن کي جلد پاڪستان جي دوري جي پنهنجي پرخلوص دعوت جو ورجاءُ ڪيو. يورپي يونين جي اعلى نمائنده ڪاجا ڪالس علائقائي امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان اسٽريٽجڪ رابطن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ يورپي يونين جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں