اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) موسميات کاتي ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ 2 کان 5 جون دوران تيز هوائن/ آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي مطابق اولهه وارين هوائن جو سلسلو 2 جون تي ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو 5 جون تائين برقرار رهڻ جي توقع آهي. ان موسمي نظام جي اثر هيٺ پنجاب/ اسلام آباد، 2 کان …
موسميات کاتي پاران ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ 2 کان 5 جون دوران تيز هوائن/ آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي
اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) موسميات کاتي ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ 2 کان 5 جون دوران تيز هوائن/ آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي مطابق اولهه وارين هوائن جو سلسلو 2 جون تي ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو 5 جون تائين برقرار رهڻ جي توقع آهي. ان موسمي نظام جي اثر هيٺ پنجاب/ اسلام آباد، 2 کان 5 جون دوران اسلام آباد/ راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، منڊي بهاءُ الدين، گجرات، گوجرانوالا، حافظ آباد، وزيرآباد، لاهور، شيخوپوره، سيالڪوٽ، نارووال، ساهيوال، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ننڪانه صاحب، چنيوٽ، فيصل آباد، اوڪاڙه، قصور، ملتان، خانيوال، لوڌران، مظفر ڳڙه، راجن پور، رحيم يار خان ۽ ليه ۾ ڪٿي ڪٿي تيز هوائن/ آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات (ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ) جي توقع آهي. ڪشمير/ گلگت، ڪشمير (وادي نيلم، مظفرآباد، راولاڪوٽ، پونڇ، هٽيان، باغ، حويلي، سڌنوتي، ڪوٽلي، ڀمبر، ميرپور) ۾ 2 کان 5 جون دوران ڪٿي ڪٿي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات (ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ) جو امڪان آهي. گلگت بلتستان (ديامر، استور، غذر، اسڪردو، هنزه، گلگت، گهانچي، شگر) ۾ 4 کان 6 جون دوران تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. خيبر پختونخوا ۾ 2 کان 5 جون دوران دير، چترال، سوات، ڪوهستان، مالاڪنڊ، باجوڙ، شانگلا، بٽگرام، بونير، ڪوهاٽ، بنون، ڊيره اسماعيل خان، مهمند، خيبر، وزيرستان، اورڪزئي، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، پشاور، مردان، هنگو ۽ ڪرم ۾ ڪٿي ڪٿي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات (ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ) جو امڪان آهي. بلوچستان ۾ 2 کان 4 جون دوران اتر اوڀر علائقن (ڪوئيٽا، زوب، شيراني، زيارت، چمن، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، بارکان ۽ ڊيره بگٽي) ۾ تيز هوائن/ آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. سنڌ ۾ 2 کان 4 جون دوران مٿانهين ۽ ڏکڻ اوڀر سنڌ (سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، خيرپور، دادو، گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور ۽ شهيد بينظير آباد ۾ تيز هوائن/ آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. امڪاني اثرن ۽ احتياطي تدبيرن جي اثر هيٺ تيز هوائن، ڳڙو پوڻ ۽ وڄ ڪرڻ سبب ڪمزور ڍانچن ( سولر پينلز، بجلي جي ٿنبن، بل بورڊز وغيره) کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. 3 کان 6 جون دوران گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ مٿانهين خيبرپختونخوا جي جابلو علائقن ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪِرڻ جو خطرو آهي.











