وزيراعظم پاران ايف بي آر کي 15 جُون تائين ٽيڪس ريفنڊ جا سمورا التوا هيٺ ڪيسز اڪلائڻ جي هدايت

اسلام آباد - پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر کي 15 جُون تائين ٽيڪس ريفنڊ جا سمورا التوا هيٺ ڪيسز اڪلائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مسلسل محنت سان معيشت کي استحڪام مليو، تيز تر معاشي ترقي جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين، صنعتي ترقي ۽ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ وڌيڪ قدم کڻنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان …

اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر کي 15 جُون تائين ٽيڪس ريفنڊ جا سمورا التوا هيٺ ڪيسز اڪلائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مسلسل محنت سان معيشت کي استحڪام مليو، تيز تر معاشي ترقي جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين، صنعتي ترقي ۽ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ وڌيڪ قدم کڻنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اعلى قيادت جي وفد ملاقات ڪئي. وفد وزيراعظم کي ايندڙ بجيٽ ۽ ملڪ جي مجموعي معاشي ترقي جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته مسلسل محنت سان معيشت کي استحڪام مليو، تيز تر معاشي ترقي جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. هن چيو ته صنعتي ترقي ۽ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ايندڙ بجيٽ ۾ وڌيڪ قدم کڻنداسين. وزيراعظم ايف بي آر کي 15 جون تائين ٽيڪس ريفنڊ جا سمورا التوا هيٺ ڪيسز اڪلائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته روانگي واپار تي ٻڌل معاشي ترقي اسان جو مشن آهي ۽ گڏيل ڪوششن سان ان مشن جي تڪميل يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته پاليسي ريٽ ۾ تازي اضافي جي باوجود ايڪسپورٽ ري فنانس اسڪيم جي شرح جون 2027ع تائين 4.5 سيڪڙو برقرار رهندي، برآمد ڪندڙن جي سهولت لاءِ بئنڪن جو اهو فيصلو ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم ڪاروباري برادري جي سهولت لاءِ پاڪستان روينيو آٽوميشن لميٽيڊ (پرال) جي مرڪزي آفيس ڪراچي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ ڪاروباري برادري جي درخواست تي گجرات ۾ پاسپورٽ جي آفيس کولڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ايس ايم اي سيڪٽر جي ترقي جي لاءِ سڌارن ۽ سهولتن جي فراهمي اسان جي معاشي ايجنڊا جو اهم حصو آهي. هن زور ڏنو ته پاڪستاني سيڙپڪار جوائنٽ وينچرز جي ذريعي اليڪٽرڪ وهيڪلز جي مقامي پيداوار کي هٿي ڏين. وفد جي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي نار جي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ امن کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سڄي ملڪ جي ڪاروباري برادري پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ روزگار ۾ اضافي جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وفد پٺتي پيل ۽ وچولي طبقي جي لاءِ “وزيراعظم پنهنجو گهر پروگرام” تحت آسان شرطن تي قرض اسڪيم جاري ڪرڻ جي آجيان ڪئي. وفد ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ جي بورڊ ۾ سڌارن، پي آءِ اي جي ڪامياب نجڪاري، ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ اي – انوائسنگ جهڙن قدمن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفد جي ميمبرن چيو ته گري اڪانومي کي ڊيجيٽائيزيشن ۽ ٻين سڌارن جي ذريعي فارمل اڪانومي جي دائري ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري پاڪستان حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪندي. مشاورتي اجلاس ۾ ايف پي سي سي آءِ، ڪراچي، لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، سرحد، ڪوئيٽا، گجرات، گجرانوالا ۽ سيالڪوٽ چيمبرز جي صدرن سميت اعلى قيادت شريڪ ٿي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، علي پرويز ملڪ، اويس احمد خان لغاري، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ايف بي آر چيئرمين ۽ اعلى سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں