اسلام آباد - پهرين جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي واري اعلى نمائنده ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر ڪاجا ڪالس پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي اٺين اجلاس جي گڏيل صدارت جي لاءِ اسلام آباد جو دورو ڪيو. ان ڊائيلاگ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن جي سمورن رخن جو …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي دعوت تي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي واري اعلى نمائنده ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر ڪاجا ڪالس اسلام آباد جو دورو ڪيو: پرڏيهي آفيس
اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي واري اعلى نمائنده ۽ يورپي ڪميشن جي نائب صدر ڪاجا ڪالس پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي اٺين اجلاس جي گڏيل صدارت جي لاءِ اسلام آباد جو دورو ڪيو. ان ڊائيلاگ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺڻ، اسٽريٽجڪ انگيجمنٽ پلان تحت ٿيندڙ اڳڀرائي جو اندازو لڳائڻ ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ تفصيلي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ڌرين پنهنجي گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڳالهه ٻولهه ۾ واپار ۽ اقتصادي تعاون جي فروغ خاص طور تي جي ايس پي پلس فريم ورڪ تحت تعاون ۾ سگهه ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويو. ان ڏس ۾ اپريل 2026ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پهرين يورپي يونين – پاڪستان بزنس فورم جي ڪاميابي کي پڻ ساراهيو ويو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – يورپي يونين مائيگريشن اينڊ موبيليٽي ڊائيلاگ تحت جاري تعاون جو پڻ جائزو ورتو. ٻنهي پاران قانوني هجرت جي موقعن ۽ ٽيلنٽ پارٽنرشپس جي فروغ جي اهميت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته منظم طريقيڪار جي ذريعي غيرقانوني هجرت جي موثر تدارڪ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعلى نمائندي گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ۽ سهولتڪار ڪردار تي روشني وڌي. يورپي يونين پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪوششن کي ساراهيندي ان جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ علائقائي استحڪام برقرار رکڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، عالمي قانون جي پاسداري ۽ گهڻ رخي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان جي دوري دوران ڪاجا ڪالس وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان پڻ ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ ٻنهي طرفن جي قيادت ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اعلى سطحي رابطن جي تسلسل جي اهميت تي زور ڏنو. يورپي يونين جي اعلى نمائندي جي ان دوري پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ٻنهي ڌرين اتفاق ڪيو ته پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جو نائون اجلاس ايندڙ سال برسلز ۾ منعقد ڪيو ويندو.












