اوگرا هلندڙ مهيني جون لاءِ ايل پي جي جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) هلندڙ مهيني جون لاءِ ايل پي جي، جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سومر ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي، جي في ڪلو قيمت ۾ 4 رپيا 95 جي واڌ کان پوءِ نئين قيمت 308 رپيا 76 پئسا جڏهن ته 11.8 ڪلوگرام سلينڊر ۾ 58 رپيا 51 پئسا واڌ کان پوءِ نئين قيمت …

اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) هلندڙ مهيني جون لاءِ ايل پي جي، جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سومر ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي، جي في ڪلو قيمت ۾ 4 رپيا 95 جي واڌ کان پوءِ نئين قيمت 308 رپيا 76 پئسا جڏهن ته 11.8 ڪلوگرام سلينڊر ۾ 58 رپيا 51 پئسا واڌ کان پوءِ نئين قيمت 3643.41 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. ايل پي جي جون نيون قيمتون پهرين جون کان لاڳو هونديون. ايل پي جي جي قيمت جو نوٽيفڪيشن اوگرا جي ويب سائٽ www.ogra.org.pk تي پڻ دستياب آهي. اوگرا چيو آهي ته ايل پي جي پروڊيوسر جي قيمت سعودي آرامڪو- سي پي ۽ آمريڪي ڊالر جي شرح مٽاسٽا سان ڳنڍيل آهن. گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ سعودي آرامڪو- سي پي ۾ 2 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. سراسر ڊالر جي مٽاسٽا جي شرح ۾ 0.11 سيڪڙو جي معمولي گهٽتائي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ايل پي جي، جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں