عوام کي بهترين، محفوظ، آرامده ۽ وقت سر سفري سهولتن جي فراهمي پاڪستان ريلويز جي پهرين ترجيح آهي: محمد حنيف عباسي

اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته عوام کي بهترين، محفوظ، آرامده ۽ وقت سر سفري سهولتن جي فراهمي پاڪستان ريلويز جي پهرين ترجيح آهي، جڏهن ته ريلوي نظام کي جديد، اثرائتو ۽ عوامي ضرورتن سان هم آهنگ بنائڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. ريلوي وزارت جي ميڊيا آفيس موجب وفاقي وزير جي صدارت هيٺ پاڪستان ريلويز …

اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته عوام کي بهترين، محفوظ، آرامده ۽ وقت سر سفري سهولتن جي فراهمي پاڪستان ريلويز جي پهرين ترجيح آهي، جڏهن ته ريلوي نظام کي جديد، اثرائتو ۽ عوامي ضرورتن سان هم آهنگ بنائڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. ريلوي وزارت جي ميڊيا آفيس موجب وفاقي وزير جي صدارت هيٺ پاڪستان ريلويز ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ريلوي آپريشنز، جاري سڌارن وارن قدمن ۽ اداري جي مجموعي ڪارڪردگيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ريلوي جي مختلف شعبن جي ڪارڪردگي تي لاڳاپيل آفيسرن بريفنگ ڏني، جڏهن ته ريلوي آپريشن کي وڌيڪ فعال، منظم ۽ اثرائتو بنائڻ بابت مختلف معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي مسافرن جي سهولتن، سفر جي معيار ۾ بهتري ۽ ريلوي خدمتن کي جديد گُهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزن جو به جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان ريلويز جي سگهه ۾ واڌ جي مختلف رُخن، جاري ترقياتي رٿائن ۽ مستقبل جي رٿائن تي اڳڀرائيءَ جو به جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته جاري منصوبن جي رفتار تيز ڪئي وڃي ۽ مقرر هدفن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. محمد حنيف عباسي اداري جي ڪارڪردگي ۾ مسلسل بهتريءَ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ريلوي نظام کي جديد، اثرائتو ۽ عوامي ضرورتن موجب بنائڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آندا ويندا. اجلاس ۾ انتظامي، آپريشنل ۽ ترقياتي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته وفاقي وزير عوام دوست ۽ اثرائتي ريلوي نظام جي قيام جو عزم ورجائيندي چيو ته پاڪستان ريلويز جي بهتري ۽ مسافرن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

مزید خبریں