سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4400 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 4400 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 71 هزار 7 سئو 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي قيمت ۾ 4 هزار 400 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 71 هزار 7 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3773 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 08 هزار 232 رپين مان گهٽجي 4 لک 04 …

اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 4400 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 71 هزار 7 سئو 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي قيمت ۾ 4 هزار 400 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 71 هزار 7 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3773 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 08 هزار 232 رپين مان گهٽجي 4 لک 04 هزار 459 رپيا ٿي وئي.، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 74 هزار 226 رپين مان گهٽجي 3 لک 70 هزار 767 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 46 رپيا اضافي کانپوءِ 8059 ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 40 رپيا اضافي کانپوءِ 6909 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4538 ڊالرز کان گهٽجي 4494 ڊالرز ٿي وئي.

مزید خبریں