اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 3362.61 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 170600.20 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 563 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 168 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 296 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 99 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، ڪاروباري سرگرمين دوران 589.75 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان، 100 انڊيڪس 3362.61 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 170600.20 پوائنٽس تي بند
اسلام آباد- 01 جون (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 3362.61 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 170600.20 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 563 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 168 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 296 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 99 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، ڪاروباري سرگرمين دوران 589.75 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 31.98 ارب رپيا رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 1190.42 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 50975.90 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 6548.50 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 243947.97 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 8.048 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 1.5 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 67.8 ارب ڊالر ٿي ويو. ديوان سيمينٽ لميٽيڊ جي 43322109 شيئرز، ٽي آر جي پاڪستان جي 39407504 شيئرز ۽ ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 34958255 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي.












