حاجين جي واپسيءَ جو مرحلو شروع، سعودي ائير لائين جي پهرين اُڏام 345 حاجين کي کڻي لاهور پهچي وئي

لاهور- 01 جون (اي پي پي) ڀلي پار مان واپسيءَ جو آپريشن سومر ڏينهن کان شروع ٿي ويو. سعودي ايئر لائين جي پهرين اُڏام 345 حاجين کي کڻي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور پهچي وئي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي موجب سعودي ايئر لائين جي اُڏام SV-5737-345 حاجين کي کڻي لاهور پهتي، جيڪا هلندڙ سال جي حج آپريشن جي واپسيءَ جي مرحلي جي شروعات آهي. ايئرپورٽ تي پنجاب جي صحت واري وزير ۽ امن …

لاهور- 01 جون (اي پي پي) ڀلي پار مان واپسيءَ جو آپريشن سومر ڏينهن کان شروع ٿي ويو. سعودي ايئر لائين جي پهرين اُڏام 345 حاجين کي کڻي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور پهچي وئي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي موجب سعودي ايئر لائين جي اُڏام SV-5737-345 حاجين کي کڻي لاهور پهتي، جيڪا هلندڙ سال جي حج آپريشن جي واپسيءَ جي مرحلي جي شروعات آهي. ايئرپورٽ تي پنجاب جي صحت واري وزير ۽ امن امان بابت ڪابينه ڪميٽي جي چيئرمين خواجه سلمان رفيق حاجين جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي رٿيل آجياڻي واري تقريب ۾ واپس ايندڙ حاجين کي گلن جا هار ۽ گلدستا پيش ڪيا ويا. لاهور ايئرپورٽ جي مئنيجر سميت ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. زائرين سان ڳالهائيندي خواجه سلمان رفيق چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ جي خاص هدايتن تي سندن استقبال لاءِ آيا آهيون. هن حاجين کي مبارڪون ڏنيون ۽ سندن عبادتن جي قبوليت جي دُعا ڪئي. حاجين حج دوران ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۽ پنجاب حڪومتن طرفان سندن حج کي آسان بنائڻ ۽ آرام کي يقيني بنائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. شيڊول موجب 30 جون تائين اهو آپريشن جاري رهندو. اميد آهي ته ڪل 471 اُڏامون سعودي عرب مان هزارين پاڪستانين کي سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ آندو ويندو.

مزید خبریں