مڪه مڪرمه- 01 جون (اي پي پي) عالمي ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين جي مانيٽرنگ ڪندڙ عالمي ادارن پنهنجي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته مقدس شهر مڪه مڪرمه گذريل 26 سالن دوران دنيا جو گرم ترين شهر رهيو. سال 2000ع کان وٺي هلندڙ سال تائين، مڪه مڪرمه عالمي سطح تي مستقبل بنيادن تي سراسر سڀ کان وڌيڪ گرمي پد رڪارڊ ڪري اهو منفرد موسمياتي رڪارڊ پنهنجي نالي برقرار رکيو …
مڪه مڪرمه گذريل 26 سالن دوران دنيا جو گرم ترين شهر قرار
مڪه مڪرمه- 01 جون (اي پي پي) عالمي ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين جي مانيٽرنگ ڪندڙ عالمي ادارن پنهنجي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته مقدس شهر مڪه مڪرمه گذريل 26 سالن دوران دنيا جو گرم ترين شهر رهيو. سال 2000ع کان وٺي هلندڙ سال تائين، مڪه مڪرمه عالمي سطح تي مستقبل بنيادن تي سراسر سڀ کان وڌيڪ گرمي پد رڪارڊ ڪري اهو منفرد موسمياتي رڪارڊ پنهنجي نالي برقرار رکيو آهي. ايم ڊبليو او جي گلوبل ويزر آرڪائيوز ۽ آمريڪي اداري ”نووا“ (اين او اي اي) جي نيشنل سينٽرز فار انوائرمنٽل انفارميشن طرفان جاري ڪيل ان گڏيل ترقياتي رپورٽ موجب گذريل ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ صرف ٻه سال اهڙا گذريا جڏهن مڪه مڪرمه پهرئين نمبر تي نه رهيو، نه ته مسلسل مڪو پاڪ ئي دنيا جو گرم ترين شهر رهيو. رپورٽ جي دلچسپ ۽ منفرد انگن اکرن موجب سال 2000ع کان 2009ع تائين مسلسل 10 سال مڪه مڪرمه دنيا جو گرم ترين شهر رهيو، جنهن کان پوءِ سال 2010ع ۾ ڪويت سٽي اها پوزيشن ماڻي. 2011ع کان 2015ع تائين مسلسل 5 سال ٻيهر مڪه مڪرمه سرفهرست رهيو. سال 2016ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪويت سٽي ۾ سخت گرمي رڪارڊ ڪئي وئي، پر ان کان پوءِ يعني 2017ع کان 2026ع تائين مسلسل گذريل 10 سالن کان مڪو پاڪ مستقل طور تي دنيا جي گرم ترين شهرن جي فهرست ۾ پهرين نمبر تي رهيو. رپورٽ ۾ ان ڳالهه کي به ساراهيو ويو آهي ته ان سخت گرمي ۽ غير معمولي تپش باوجود سعودي عرب طرفان حج ۽ عمره دوران ضيوف الرحمان لاءِ ڪيل سمارٽ ڪولنگ سسٽمز ۽ ماحولياتي انتظام سڄي دنيا لاءِ هڪ بهترين انتظام مثالي آهن.












