اسرائيلي وزيراعظم جو فوج کي بيروت جي ڏکڻ علائقن ۾ هدفن تي حملا ڪرڻ جو حڪم

تل ابيب- 01 جون (اي پي پي) اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو، اسرائيلي فوج کي لبنان جي گادي واري شهر بيروت جي ڏکڻ علائقن ۾ هدفن تي حملا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسرائيلي وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ ملڪي فوج کي بيروت جي ڏکڻ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ هدفن کي نشانو بنائڻ جو حڪم ڏنو آهي. جنهن علائقي تي حملي جو حڪم ڏنو ويو آهي …

تل ابيب- 01 جون (اي پي پي) اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو، اسرائيلي فوج کي لبنان جي گادي واري شهر بيروت جي ڏکڻ علائقن ۾ هدفن تي حملا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسرائيلي وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ ملڪي فوج کي بيروت جي ڏکڻ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ هدفن کي نشانو بنائڻ جو حڪم ڏنو آهي. جنهن علائقي تي حملي جو حڪم ڏنو ويو آهي اهو ضاحيهڪي نالي سان سڃاتو ويندو آهي ۽ ان کي حزب الله جو اهم مرڪز تصور ڪيو ويندو آهي. ان کان اڳ لبنان جي صدر طرفان جاري بيان ۾ هن پنهنجي ملڪ تي اسرائيلي حملن جي شديد مذمت ڪئي هئي. ٻئي طرف لبنان جي صورتحال تي غور لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ خطي جي تازي ڇڪتاڻ ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

مزید خبریں