اسلام آباد - پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز ۽ پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل (پي اي آر سي) جي وچ ۾ تعاون کي عملي جامعو پارائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زرعي تحقيق، جديد ٽيڪنالاجي ۽ پاڪ – چين گڏيل منصوبن جي ذريعي پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ انقلابي تبديلي آڻي سگهبي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سندس …
وزيراعظم پاران چين جي اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز ۽ پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل ۾ تعاون کي عملي جامعو پارائڻ جي هدايت
اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز ۽ پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل (پي اي آر سي) جي وچ ۾ تعاون کي عملي جامعو پارائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زرعي تحقيق، جديد ٽيڪنالاجي ۽ پاڪ – چين گڏيل منصوبن جي ذريعي پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ انقلابي تبديلي آڻي سگهبي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سندس چين جي تازي دوري دوران منعقد پاڪستان – چين بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس دوران ڪيل فيصلن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي نجي شعبي جي وچ ۾ ڪاروباري رابطن ۾ غيرمعمولي اضافو ٻنهي ملڪن جي اقتصادي حصيداري جي نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته چين سان صنعتي، زرعي ۽ فني تعاون جي فروغ سان پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن هدايت ڪئي ته هانگزو بي ٽو بي ڪانفرنس ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن کي جلد باقاعده معاهدن ۽ گڏيل منصوبن ۾ تبديل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته بي ٽو بي ڪانفرنس بابت اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ماهوار بنيادن تي اجلاس جي هو پاڻ صدارت ڪندو. هن هدايت ڪئي ته چين جي اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز ۽ پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل (پي اي آر سي) جي وچ ۾ تعاون کي عملي جامعو پارايو وڃي. هن چيو ته زرعي تحقيق، جديد ٽيڪالاجي ۽ پاڪ – چين گڏيل منصوبن جي ذريعي پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ انقلابي تبديلي آڻي سگهبي. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هانگزو ۾ 24 مئي تي منعقد پاڪستان – چين بي ٽو بي ڪانفرنس ۾123 پاڪستاني ۽ 436 چيني ڪمپنين شرڪت ڪئي. ڪانفرنس دوران اٽڪل 7.54 ارب ڊالر ماليت جي 207 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. بريفنگ موجب بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽمز، مصنوعي ذهانت، موبائيل فونز ۽ هيند هيلڊ ڊيوائسز جي شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون. ان کانسواءِ ڀاڻ، ٻج، آبپاشي جي جديد اوزارن، فشريز ۽ فوڊ پروسيسنگ جي شعبن ۾ وسيع تعاون جي لاءِ پڻ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون. بائيو ٽيڪنالاجي ۽ ويڪسين سازي سميت جديد صنعتي شعبن ۾ گڏيل سيڙپڪاري جي لاءِ ايم او يوز تي صحيحون ٿيون. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، احد خان چيما، احسن اقبال، شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.












