مضبوط خانداني قدرن تي قائم معاشرو قومي ترقي، اتحاد ۽ سماجي هم آهنگي جي ضمانت هوندو آهي: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني والدين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي والدين جي بي لوث محبت، قربانين ۽ نسلن جي تربيت ۾ سندن عظيم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته والدين مضبوط خاندانن ۽ خوشحال قومن جو بنياد آهن، جن جي شفقت، دانائي ۽ بي مثال قربانيون نئين نسل جي ڪردار سازي ۽ …

اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني والدين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي والدين جي بي لوث محبت، قربانين ۽ نسلن جي تربيت ۾ سندن عظيم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته والدين مضبوط خاندانن ۽ خوشحال قومن جو بنياد آهن، جن جي شفقت، دانائي ۽ بي مثال قربانيون نئين نسل جي ڪردار سازي ۽ بهترين معاشري جي جوڙجڪ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته اسلام ۾ والدين کي نهايت بلند ۽ خاص مقام حاصل آهي ۽ دين اسلام والدين سان احسن سلوڪ، احترام ۽ اطاعت جي تلقين ڪري ٿو. هن قران پاڪ جي تعليمن جو حوالو ڏيندي چيو ته الله تعاليٰ والدين سان نرمي، شفقت، عزت ۽ احترام سان پيش اچڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ انهن سامهون عاجزي اختيار ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي آهي. هن چيو ته خاص ڪري بزرگيءَ ۾ والدين جي خدمت ۽ سار سنڀال نه رڳو اخلاقي ذميواري آهي پر ديني فرض به آهي. هن چيو ته حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي تعليمن موجب والدين جي خدمت عظيم ترين نيڪين ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ اها دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي، رحمت ۽ برڪت جو ذريعو بڻجي ٿي. هن والدين جي احترام، مدد ۽ انهن جي قدر جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته مضبوط خانداني قدرن تي قائم معاشرو قومي ترقي، اتحاد ۽ سماجي هم آهنگي جي ضمانت هوندو آهي. هن خاص ڪري نوجوان نسل تي زور ڀريو ته هو پنهنجي والدين جي قربانين کي تسليم ڪن، انهن لاءِ شڪر گذاري جو اظهار ڪن ۽ محبت، صبر، خدمت ۽ احترام جي انهن قدرن کي هٿي ڏين، جيڪي اسان جي ثقافتي روايتن ۽ اسلامي تعليمن جو اهم حصوآهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته والدين جي عزت خانداني نظام کي مضبوط بنائي ٿي، جيڪو هڪ همدرد، مستحڪم ۽ خوشحال معاشري جو بنياد آهي.

مزید خبریں