پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سان خيبر پختونخوا جي گورنر جي ملاقات

اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سان خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪي پي ڪي جي امن امان جي صورتحال ۽ سياسي معامن تي ڳالهيون ڪيون ويون. گورنر آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڊيره اسماعيل خان جي دينار اسپتال ۾ ڪينسر جي سڃاڻپ لاءِ جديد مشينري جي فراهمي تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي …

اسلام آباد- پهرين جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سان خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪي پي ڪي جي امن امان جي صورتحال ۽ سياسي معامن تي ڳالهيون ڪيون ويون. گورنر آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڊيره اسماعيل خان جي دينار اسپتال ۾ ڪينسر جي سڃاڻپ لاءِ جديد مشينري جي فراهمي تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن ڪينسر جي مريضن لاءِ جديد سڃاڻپ جي سهولتن جي جلد فراهمي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي گورنر چيو ته دينار اسپتال کان ڏکڻ ڪي پي ڪي جي ڪيترن ئي ضلعن جا مريض فائدو کڻندا. گورنر وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اثرائتن رابطن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته صوبن جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي تعاون اڻٽر آهي. هن چيو ته عوام کي بهتر طبي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ان موقعي تي ڪي پي ڪي ۾ ترقياتي ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. گورنر صوبائي ترقي لاءِ وفاقي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو.

مزید خبریں