سيالڪوٽ- پهرين جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن بابت مملڪتي وزير ارمغان سبحاني چيو آهي، ته الله تعاليٰ جي مهمانن جي آجيان ڪرڻ منهنجي لاءِ سعادت جي ڳالهه آهي. وزيراعظم پاڪستان جي هدايت موجب حاجين لاءِ سٺا قدم کنيا ويا آهن ۽ الله پاڪ جي مهمانن جي ڀرپور خدمت ڪئي پئي وڃي، جنهن تي حاجي سڳورا خوش نظر اچي رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن …
الله جي مهمانن جي آجيان ڪرڻ سعادت جي ڳالهه آهي: ارمغان سبحاني
سيالڪوٽ- پهرين جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن بابت مملڪتي وزير ارمغان سبحاني چيو آهي، ته الله تعاليٰ جي مهمانن جي آجيان ڪرڻ منهنجي لاءِ سعادت جي ڳالهه آهي. وزيراعظم پاڪستان جي هدايت موجب حاجين لاءِ سٺا قدم کنيا ويا آهن ۽ الله پاڪ جي مهمانن جي ڀرپور خدمت ڪئي پئي وڃي، جنهن تي حاجي سڳورا خوش نظر اچي رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن سيالڪوٽ ايئرپورٽ تي پهتل حج فلائيٽ ذريعي آيل حاجين جي آجيان ڪندي ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم ميان شهباز شريف جي هدايت موجب حاجين لاءِ سٺا قدم کنيا ويا آهن. الله جي مهمانن جي ڀرپور خدمت ڪئي وئي، حاجي سڳورا خوش آهن ۽ حج جي فرضن کان واپس اچي رهيا آهن. هن چيو ته الله پاڪ جي مهمانن جي آجيان ڪرڻ منهنجي لاءِ سعادت جي ڳالهه آهي. حاجي خوش نطر اچي رهيا آهن جنهن تي مان حڪومتي قدمن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته هي حاجي الله پاڪ پاران خوش نصيب چونڊيل ماڻهو آهن جن کي حج ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي. هن چيو ته مان ايئرپورٽ انتظاميه جو شڪر گذار آهيان جنهن حاجين کي ويندي وقت به بهترين سهولتون فراهم ڪيون ۽ اچڻ تي الله جي مهمانن جو بهترين استقبال ڪيو. هن مذهبي معاملن ۽ حج واري وزارت پاران به پنهنجون بهترين خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ٿورو مڃيو.












