سعودي ولي عهد سان فرانس جي صدر جو  رابطو، علائقائي صورتحال ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي تي ڳالهيون

رياض- پهرين جون (اي پي پي) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب رابطي دوران سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ گڏيل تعاون جي شعبن جو جائزو ورتو ويو، ڪيترن ئي شعبن ۾ انهن جي سپورٽ ۽ انهن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا طريقا ڳوليا ويا. ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال، علائقي سلامتي …

رياض- پهرين جون (اي پي پي) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب رابطي دوران سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ گڏيل تعاون جي شعبن جو جائزو ورتو ويو، ڪيترن ئي شعبن ۾ انهن جي سپورٽ ۽ انهن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا طريقا ڳوليا ويا. ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازي صورتحال، علائقي سلامتي ۽ استحڪام وڌائڻ سان گڏوگڏ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ۽ فريڊم آف  ۽ نيويگيشن  کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان سفارتي  ڪوششن تي به  ڳالهيون ڪيون ويون. رابطي دوران گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون.

مزید خبریں