سعودي عرب نئين عمره سيزن لاءِ ويزائون جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون

رياض- پهرين جون (اي پي پي) سعودي عرب نئين عمره سيزن لاءِ ويزائون جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ عمري جي نئين سيزن لاءِ زائرين جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عمره زائرين سومر پهرين جون 2026 کان نسڪ ايپليڪيشن ذريعي عمره پرمٽ  حاصل ڪري سگهندا ۽ مڪي ۾ داخل ٿي سگهندا . سعودي حج ۽ عمري واري وزارت پاران مئي 2026ع …

رياض- پهرين جون (اي پي پي) سعودي عرب نئين عمره سيزن لاءِ ويزائون جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ عمري جي نئين سيزن لاءِ زائرين جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عمره زائرين سومر پهرين جون 2026 کان نسڪ ايپليڪيشن ذريعي عمره پرمٽ  حاصل ڪري سگهندا ۽ مڪي ۾ داخل ٿي سگهندا . سعودي حج ۽ عمري واري وزارت پاران مئي 2026ع جي مهيني ۾ جاري ڪيل عمره سيزن ڪئلينڊر موجب عمره ويزائون جاري ڪرڻ جي آخري تاريخ پهرين شوال، 9 مارچ 2027 مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته عمره زائرين لاءِ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي آخري تاريخ 15 شوال، 23 مارچ 2027 آهي. ميڊيا مطابق وزارت ٻڌايو ته 30 شوال، 7 اپريل 2027 عمره زائرين جي روانگي جي آخري تاريخ هوندي.

مزید خبریں