اسلام آباد - پهرين جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت اعلى نمائنده ڪاجا ڪالس اسلام آباد ۾ پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي اٺين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن تي جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ واپار …
اسحاق ڊار ۽ ڪاجا ڪالس پاران پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي اٺين اجلاس جي گڏيل صدارت
اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي بابت اعلى نمائنده ڪاجا ڪالس اسلام آباد ۾ پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي اٺين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن تي جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، سيڪيورٽي تعاون، موسمياتي قدمن، هجرت ۽ گهڻ رخي تعاون سميت مختلف شعبا شامل هئا. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان ڳالهه ٻولهه پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ رابطن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيداري کي سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم جي توثيق ڪئي.












