اسلام آباد- 31 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته تماڪ واريون شيون صحت ۽ معيشت لاءِ سنگين خطرن جو سبب آهن، موجوده ۽ ايندڙ نسلن کي تماڪ جي شين جي نقصان کان بچائڻ اجتماعي ذميواري آهي، نوجوانن کي نشي جو عادي بڻائيندڙن ۽ موت جي سوداگرن جو موثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ قانونسازي ۽ ان جو موثر لاڳو ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس …
تماڪ جي خطرن کان نسلن جو تحفظ اسان جي اجتماعي ذميواري آهي: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد- 31 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته تماڪ واريون شيون صحت ۽ معيشت لاءِ سنگين خطرن جو سبب آهن، موجوده ۽ ايندڙ نسلن کي تماڪ جي شين جي نقصان کان بچائڻ اجتماعي ذميواري آهي، نوجوانن کي نشي جو عادي بڻائيندڙن ۽ موت جي سوداگرن جو موثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ قانونسازي ۽ ان جو موثر لاڳو ضروري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب تماڪ جي خاتمي واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته تماڪ جي صحت لاءِ نقصانن ڏانهن پهريون ڀيرو ڌيان ڇڪرائيندڙ شروعاتي تحريرن کي هاڻي لڳ ڀڳ چار سئو سال گذري چڪا آهن. ڪيتربن ئي ڏهاڪن کان سائنسي ۽ طبي برادري ۾ ان ڳالهه تي پختو اتفاق راءِ آهي ته تماڪ واريون شيون صحت ۽ معيشت لاءِ سنگين خطرن جو سبب آهن. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ هڪٻئي پويان ايندڙ حڪومتن سول سوسائٽي سان گڏجي تماڪ جي استعمال کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قانون ۽ آگاهي ذريعي ڪيترائي قدم کنيا آهن. ان جي باوجود هي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عوامي صحت ۽ معاشي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ هڪ سنگين خطرو بڻيل آهي. صحت واري عالمي اداري جي ڪاٿي موجب تماڪ سڄي دنيا ۾ هر سال 70 لک کان وڌيڪ فوتگين جو سبب بڻجي ٿي، جنهن ۾ سيڪنڊ هينڊ اسموڪ جو شڪار ٿيندڙ اٽڪل 16 لک ماڻهن جون فوتگيون به شامل آهن. صدر چيو ته هي انگ اکر اسان کي عوامي صحت جي ان وڏي چئلينج جي سنگيني تي غور ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا جيڪي لکين ماڻهن ۽ خاندانن کي مسلسل متاثر ڪري رهيا آهن. ٻار ۽ نوجوان ان جو خاص طور تي شڪار ٿي رهيا آهن. تماڪ ۽ نڪوٽين جي صنعت نئين نسلن کي اهڙي بدلجندڙ مصنوعات ۽ مارڪيٽنگ جي طريقن ذريعي نشانو بڻائي رهي آهي جيڪي عادي بڻائڻ ۽ ان کي برابر رکڻ لاءِ ڊزائين ڪيا ويا آهن. ننڍي عمر ۾ نڪوٽين جو استعمال سڄي عمر جي وابستگي ۽ صحت جي ناڪاري نتيجن جي خطرن کي وڌائي ٿو. صدر مملڪت چيو ته جديد ترين تحقيق ظاهر ڪري ٿي ته عالمي سطح تي ۽ پاڪستان ۾ سگريٽ، اي – سگريٽ، ويپنگ ڊوائيسز، نڪوٽين پائوچز ۽ ٻيون نڪوٽين وارين شين جو استعمال عوامي صحت جي وڌندڙ خدشن جو سبب بڻجي رهيو آهي. ان ڳالهه جا به ثبوت موجود آهن ته نوجوانن ۾ گهڻ رخي متبادل منشيات جي استعمال جو رجحان وڌي رهيو آهي، جتي تماڪ ۽ نڪوٽين جي مصنوعات ٻين نقصانڪار شين سان گڏ استعمال ڪئي پئي وڃي، جيڪي نوجوانن ۽ معاشري لاءِ شديد خطرا پيدا ڪري رهيون آهن. ان لاءِ مضبوط آگاهي، قانونن ۽ روڪٿام جون ڪوششون ضروري آهن. ننڍي عمر ۾ نڪوٽين جو استعمال سڄي عمر جي محتاجي، صحت جي ناڪاري نتيجن ۽ مستقبل جي محدود موقعن جي خطرن کي وڌائي ٿو. هر طرف پکڙيل سيڪنڊ هينڊ اسموڪ سبب ٻار دمه، نمونيا، ڪن جي انفيڪشن، پيدائشي گهٽ وزن ۽ اوچتي موت جهڙن خطرن جو وڌيڪ شڪار ٿي رهيا آهن، ان جو اثر صرف صحت تائين محدود ناهي، پر اهو خاندانن ۽ صحت واري نظام تي به هڪ وڏو بار وجهي ٿو. تماڪ جي مصنوعات غير متعدي مرضن جهڙوڪ دل جي بيمارين، ڪينسر ۽ ساهه جي دائمي بيمارين جي وڌندڙ بار سان به گهرو تعلق رکن ٿيون. اهي بيماريون ماڻهن ۽ خاندانن کي ذاتي سطح تي شديد متاثر ڪن ٿيون ۽ اسان جي اسپتالن، ڪلينڪس ۽ عوامي صحت جي خدمتن تي مسلسل دٻاءُ وجهن ٿيون. ڪيترن ئي گهراڻن لاءِ اهو اثر رڳو ڪتابي ناهي، ڪمائيندڙ والدين جو بيمار ٿيڻ، اسپتال جا بار بار چڪر لڳائڻ، ڊگهي مدي تائين علاج جا خرچ ۽ ڪمائڻ جي صلاحيت ۾ گهٽتائي، پهرين ئي محدود گهريلو وسيلن کي تيزي سان متاثر ڪري سگهي ٿي. ٻارن کي اسڪول مان غير حاضر رهڻ کان وٺي معمول جي خرچن کي پورو ڪرڻ ۾ خاندانن کي درپيش مشڪلاتن تائين اهو دٻاءُ روزاني جي زندگي ۾ محسوس ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته رياست جي سربراهه جي حيثيت سان مون کي اوهان کي اهو ٻڌائڻو آهي ته اهو ڏينهن اسان کي تماڪ جي مصنوعات جي نقصانن کان موجوده ۽ ايندڙ نسلن کي بچائڻ جي اسان جي گڏيل ذميواري جي ياد ڏياري ٿو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٻين مسئلن سان گڏوگڏ، اسان جي قومي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبليون اهڙا قانون ٺاهين ۽ لاڳو ڪرڻ جو موثر ميڪنزم جوڙين ته جيئن اسان جي ماڻهن ۽ مستقبل جي نسلن جو تحفظ ڪري سگهجي ۽ ” موت جي سوداگرن“ جو موثر طريقي سان مقابلو ڪري سگهجي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پارليامينٽ ۽ حڪومت کانسواءِ والدين، استاد، فنڪار، شاعر، گلوڪار، موسيقار، اداڪار، ڊراما نگار، هيلٿ ڪيئر پروفيشنلز ۽ ڪميونٽي ليڊرز سڀني جو آگاهي پيدا ڪرڻ، تماڪ جي شين جي استعمال جي حوصلا شڪني ڪرڻ ۽ پنهنجي ماڻهن جي تحفظ لاءِ هڪ سازگار ماحول (ايڪو سسٽم) بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. گهريلو ۽ سماجي سطح تي تبديلي عوامي صحت ۾ قومي ترقي لاءِ معنيٰ خيز ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.












