اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي) قومي ايئرلائن جي اڏام پي ڪي 964 جده مان 339 حاجين کي کڻي سومر پهرين جُون تي سيالڪوٽ پهچندي. سيالڪوٽ ايئرپورٽ جي ترجمان محمد عمير موجب هلندڙ سال 18 اپريل تي سيالڪوٽ ايئرپورٽ تان ڪامياب حج آپريشن شروع ٿيو. حج فلائٽ آپريشن ۾ قومي ايئر لائن ۽ خانگي ائيرلائن سيال حصو ورتو. قومي ايئر لائن پاران 5 جڏهن ته سيال ائير لائن پاران 21 …
قومي ايئر لائن جي اڏام پي ڪي 964 جده مان 339 حاجين کي کڻي اڄ سيالڪوٽ پهچندي: ترجمان ائير پورٽ
اسلام آباد-31 مئي (اي پي پي) قومي ايئرلائن جي اڏام پي ڪي 964 جده مان 339 حاجين کي کڻي سومر پهرين جُون تي سيالڪوٽ پهچندي. سيالڪوٽ ايئرپورٽ جي ترجمان محمد عمير موجب هلندڙ سال 18 اپريل تي سيالڪوٽ ايئرپورٽ تان ڪامياب حج آپريشن شروع ٿيو. حج فلائٽ آپريشن ۾ قومي ايئر لائن ۽ خانگي ائيرلائن سيال حصو ورتو. قومي ايئر لائن پاران 5 جڏهن ته سيال ائير لائن پاران 21 اڏامن ذريعي 5 هزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن کي سعودي عرب پهچايو ويو. هن ٻڌايو ته حج پانڌيئڙن کي سيالڪوٽ ائيرپورٽ تي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪيون ويون، جڏهن ته سندن سيالڪوٽ واپسي تي پڻ شاندار آجيان ڪئي ويندي. ترجمان چيو ته سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ پاران سمورن وسيلن جو استعمال ڪندي حج پانڌيئڙن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.












