ڀارتي آرمي چيف جو سندور 2 بابت بيان عسڪري ضرورتن کان وڌيڪ اندروني مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي: ماهر

اسلام آباد- 31 مئي(اي پي پي) ڀارتي آرمي چيف جو سندور 2 بابت بيان عسڪري ضرورتن کان وڌيڪ اندروني مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، معرڪه حق ۾ پاڪستان هٿان ذلت آميز ناڪامي ۽ پنهنجي سياسي عزمن ۾ ناڪامي کان پوءِ ڀارت پاڪستان مخالف بيانن جو سهارو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جي وڌنڌڙ عالمي سڃاڻپ ۽ ڀارت جي لڳاتار سفارتي ناڪامين مودي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊرامو …

اسلام آباد- 31 مئي(اي پي پي) ڀارتي آرمي چيف جو سندور 2 بابت بيان عسڪري ضرورتن کان وڌيڪ اندروني مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، معرڪه حق ۾ پاڪستان هٿان ذلت آميز ناڪامي ۽ پنهنجي سياسي عزمن ۾ ناڪامي کان پوءِ ڀارت پاڪستان مخالف بيانن جو سهارو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جي وڌنڌڙ عالمي سڃاڻپ ۽ ڀارت جي لڳاتار سفارتي ناڪامين مودي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊرامو ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي آرمي چيف پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته جديد ميدان جنگ ۾  هر چر پر مخالف ڌر جي نظر ۾ هوندي هئي ۽ ڪجهه به لڪيل نه هو. عسڪري تياري، گڏيل هم آهنگي ۽ انفارميشن آپريشنز جي ميدان ۾ ڀارتي فوج کي چيلينج درپيش هو. ڀارتي آرمي چيف پاران سندور ٽو جو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ڀارت ۾ مودي حڪومت جي ناقص پاليسين خلاف آواز بلند ٿي رهيا آهن.  ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪمران پارٽي ۽ مودي ميڊيا پاڪستان مخالف بيان ڏئي رهي آهي جن جو مقصد عوامي ڌيان کي رياستي دهشتگردي، اندروني دٻاءُ ۽ معاشي بحران تان ڌيان هٽائڻ آهي. فوجي معاملن کي سياسي بيانن جو حصو بڻائڻ سان عسڪري فيصلن تي سياسي اثرن بابت سوال پيدا ٿيا آهن.

مزید خبریں