واشنگٽن- 31 مئي (اي پي پي) آمريڪا ۾ يونائيٽڊ ايئرلائنز جي اڏام دوران مبينا طور تي ڪاڪ پٽ ۾ زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ مسافر کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ جهاز کي هنگامي طور لينڊ ڪرڻو پيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق يونائيٽڊ ائيرلائنز جي اڏام يو اي 2005 شڪاگو جي اوهير انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان مني ايپولس لاءِ روانو ٿي هئي، اڏام دوران هڪ مسافر جي جارحاڻي رويي سبب …
آمريڪا ۾ يونائيٽڊ ايئرلائنز جي اڏام دوران مبينا طور تي ڪاڪ پٽ ۾ زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ مسافر گرفتار
واشنگٽن- 31 مئي (اي پي پي) آمريڪا ۾ يونائيٽڊ ايئرلائنز جي اڏام دوران مبينا طور تي ڪاڪ پٽ ۾ زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ مسافر کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ جهاز کي هنگامي طور لينڊ ڪرڻو پيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق يونائيٽڊ ائيرلائنز جي اڏام يو اي 2005 شڪاگو جي اوهير انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان مني ايپولس لاءِ روانو ٿي هئي، اڏام دوران هڪ مسافر جي جارحاڻي رويي سبب اڏام جو رخ تبديل ڪري جهاز کي وسڪونسن جي ڊين ڪائونٽي ريجنل ايئرپورٽ تي لاٿو ويو. رپورٽس مطابق اڻڄاتل مسافر مبينا طور تي ڪاڪ پٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي جهاز ۾ موجود عملي ۽ ٻين ماڻهن سان سندس جهيڙو ٿي پيو. واقعي دوران پائيلٽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کي اسڪواڪ ڪوڊ 7500 موڪليو، جيڪو جهاز جي امڪاني هاءِ جيڪ ٿيڻ يا هاءِ جيڪنگ جي ڪوشش جي نشاندهي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جهاز جي هنگامي لينڊنگ بعد قانون لاڳو ڪندڙ اداران فوري ڪارروائي ڪندي مسافر کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. اختيارين واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته مسافر جي سڃاڻپ هن وقت تائين ظاهر ناهي ڪئي وئي. ايئرپورٽ انتظاميا مطابق شڪي شخص جي گرفتاري بعد فضائي آپريشن معمول مطابق جاري رهيو.












