واشنگٽن – 31 مئي (اي پي پي) آمريڪي ڪمپني ايميزون پنهنجي عالمي سيٽلائٽ انٽرنيٽ نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ جي منصوبي ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي 29 انٽرنيٽ ايٽلائٽس ڪاميابي سان زمين جي چوڦير مدار ۾ موڪلي ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سيٽلائٽس کي آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ ڪيپ ڪينيورل اسپيس فورس اسٽيشن کان اٽلس فائيو راڪيٽ ذريعي خلا ۾ موڪليو ويو. آپريٽنگ يونٽ مطابق اڏام جا سمورا اهم مرحلا منصوبي مطابق …
ايميزون جي 29 انٽرنيٽ سيٽلائٽس ڪاميابي سان زمين جي چوڦير هيٺاهين مدار ۾ داخل
واشنگٽن – 31 مئي (اي پي پي) آمريڪي ڪمپني ايميزون پنهنجي عالمي سيٽلائٽ انٽرنيٽ نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ جي منصوبي ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي 29 انٽرنيٽ ايٽلائٽس ڪاميابي سان زمين جي چوڦير مدار ۾ موڪلي ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سيٽلائٽس کي آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ ڪيپ ڪينيورل اسپيس فورس اسٽيشن کان اٽلس فائيو راڪيٽ ذريعي خلا ۾ موڪليو ويو. آپريٽنگ يونٽ مطابق اڏام جا سمورا اهم مرحلا منصوبي مطابق مڪمل ٿيا ۽ مشن دوران سمورا نظام مستحڪم انداز ۾ ڪم ڪندا رهيا. پنهنجي مقرر ڪيل مدار تائين پهچڻ بعد سيٽلائٽس کي مختلف مرحلن ۾ ڌار ڪيو ويو. مشن ڪنٽرول سينٽر تصديق ڪئي ته سمورا 29 سيٽلائٽس ڪاميابي سان راڪيٽ کان ڌار ٿي مدار ۾ داخل ٿي ويا آهن. اهي نوان سيٽلائٽس ايميزون جي پراجيڪٽ ڪوائپر جو حصو آهن، جنهن جو مقصد سڄي دنيا جي صارفين، خاص خور تي ڏورانهن علائقن ۽ زميني مواصلاتي ڍانچي کان محروم هنڌن تائين تيز رفتار براڊ بينڊ انٽرنيٽ جي فراهمي آهي.












