شنگريلا ڊائيلاگ: 17 ملڪن پاران سمنڊ هيٺ انفراسٽرڪچر جي تحفظ لاءِ فريم ورڪ جي شروعات

سنگاپور – 31 مئي (اي پي پي) سنگاپور ۾ منعقد شنگريلا ڊائيلاگ جي موقعي تي 17 ملڪن سمنڊ هيٺ اهم انفراسٽرڪچر جي تحفظ لاءِ گڏيل فريم ورڪ جي شروعات ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انهن ملڪن ۾ يورپ، وچ اوڀر، اوشيانا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جا ملڪ شامل آهن جن گائيڊنگ پرنسپلز فار انڊر واٽر انفراسٽڪرچر ڊيفنس ايڪسچينجز جي نالي سان هڪ فريم ورڪ اختيار ڪيو آهي جنهن جو مقصد …

سنگاپور – 31 مئي (اي پي پي) سنگاپور ۾ منعقد شنگريلا ڊائيلاگ جي موقعي تي 17 ملڪن سمنڊ هيٺ اهم انفراسٽرڪچر جي تحفظ لاءِ گڏيل فريم ورڪ جي شروعات ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق انهن ملڪن ۾ يورپ، وچ اوڀر، اوشيانا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جا ملڪ شامل آهن جن گائيڊنگ پرنسپلز فار انڊر واٽر انفراسٽڪرچر ڊيفنس ايڪسچينجز جي نالي سان هڪ فريم ورڪ اختيار ڪيو آهي جنهن جو مقصد انهن ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ آهي جيڪي سمنڊ هيٺ اهم انفراسٽرڪچر خاص طور تي سب سي ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪيبلز جي تحفظ ۾ گڏيل دلچسپي رکن ٿا. سنگاپور جي دفاع واري وزير چين چون سنگ چيو ته ملڪن کي عالمي اصول قائم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن ان اهم انفراسٽرڪچر جي تعمير، سار سنڀال ۽ حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ان کي نقصان پهچائيندڙن کي جوابده قرار ڏئي سگهجي. ان فريم ورڪ جي توثيق ڪندڙ ملڪن ۾ آسٽريليا، برونائي، ايسٽونيا، فن لينڊ، اٽلي، لٿوانيا، ملائيشيا، نيدرلينڊز، نيوزيلينڊ فلپائنز، قطر، سنگاپور، سويڊن، ٿائيلينڊ ۽ برطانيا شامل آهن.

مزید خبریں